ڇا دنيا ٽين مهاڀاري جنگ طرف وڌي رهي آهي؟

0
759
ڇا دنيا ٽين مهاڀاري جنگ طرف وڌي رهي آهي؟

 جيڪڏهن اوهان گوگل ميپ تي فلسطين لکي سرچ ڪندا ته گوگل توهان کي اسرائيل وٺي ويندو، جتي فلسطين نالي سان ڪا جڳهه ئي ناهي، ٻن سيڪنڊن لاءِ سوچيو ته جيڪڏهن توهان دنيا جي نقشي تي سنڌ ڳوليو ۽ اوهان کي ان نالي سان ڪا جڳهه نه ملي ته ڪيئن محسوس ٿيندو؟ پوءِ سوچيو ته اوهان جو ڪو نالو نه هجي، والدين يا ڪو مٽ مائٽ اوهان سان جڙيل نه هجي، ڪو ڳوٺ، ملڪ اوهان سان جڙيل نه هجي، اوهان جي ڪهڙي سڃاڻپ هوندي؟ اوهان ماڻهن کي ٻڌايو ته اوهان جو نالو هي آهي پر ماڻهو چون ته ان نالي جو ڪو انسان آهي ئي ڪونه ته اوهان ڪيئن محسوس ڪندا؟ ويهين صديءَ جي وچ ۾ جڏهن فلسطين جي زمين تي اسرائيل ملڪ ٺهيو، جيڪو وڌندو وڌندو 20 چورس ڪلوميٽرن جو ٿي ويو آهي ۽ فلسطين جيڪو هڪ ملڪ ته ناهي پر ڪجهه علائقن کي گڏائي هڪ اٿارٽي ٺاهي وئي آهي، جنهن کي ٿوري گهڻي آزادي ڏئي فلسطينين کي ان ۾ واڙي ڇڏيو آهي. فلسطين اٿارٽي ٻن حصن ۾ ورهايل آهي: هڪ اردن جي بارڊر سان گڏ، جنهن کي ويسٽ بينڪ چون ٿا ۽ هڪ ساحلي پٽي آهي، جنهن کي غزه چون ٿا. ٽوٽل علائقو ڇهه هزار چورس ڪلوميٽر آهي، جنهن ۾ ويسٽ بينڪ پنج هزار ڇهه سئو ۽ غزه ساڍا ٽي سئو چورس ڪلوميٽر جي پٽي آهي، جنهن جي هڪ طرف سمنڊ آهي، ٻئي طرف 11 ڪلوميٽر جي سرحد مصر سان ملي ٿي ۽ لڳ ڀڳ چاليهه ڪلوميٽر اسرائيل سان ملي ٿي. ان ٿوري علائقي جا 7 انٽري پوائنٽس آهن، جنهن ۾ ڇهه اسرائيل جي ۽ هڪ مصر جي قبضي ۾ آهي. اٿارٽي جي ڪا فوج ناهي، ويسٽ بينڪ جي علائقن کي اي، بي، سي ڪيٽيگري ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن جي اندر به غير قانوني آباديون ٺاهيون ويون آهن. قبضو ڪيل علائقن مان جيترا ماڻهو اهي ماري سگهيا ٿي، انهن کي ماريو ويو. جن کي ملڪ مان ڪڍي سگهيا، انهن کي لبنان، اردن ۽ ٻين ملڪن جي سرحدن ڏانهن ڌڪيو ويو. جيڪي باقي بچيا، انهن کي انهن ٻن علائقن ۾ قيد ڪيو ويو. ويسٽ بينڪ ۽ غزه ۾ 90 ڪلوميٽر کان وڌيڪ جو فاصلو آهي. غزه جي مڪمل ناڪابندي آهي. زميني، فضائي ۽ بحري رستن تي مڪمل پابندي آهي. اهي نه ڪٿي وڃي سگهن ٿا، نه اچي سگهن ٿا. غزه جي 23 لک آبادي آهي، جيڪا گهڻو ڪري ڪئمپن تي مشتمل آهي، تمام گهڻو ڳتيل علائقو آهي. سندن معيشت جو گهڻو دارومدار دنيا جي امداد تي آهي. وقت به وقت آئي ڏينهن سندن نوجوانن کي ماريو وڃي ٿو. اهڙي ماحول ۾ جتي جيئڻ صرف مرڻ جي لاءِ هجي، ٻارن جو ڪو مستقبل نه هجي، اهي هڪ کليل جيل ۾ رهي رهيا هجن ته پوءِ ڇا اها چوڻي صحيح ناهي ته، تنگ آيد، بجنگ آيد!

حماس جي اسرائيل تي هاڻوڪي حملي کي نظر ۾ رکندي اسين غزه تي تبصرو ڪريون ٿا. اسان جو فوٽوگرافي جو استاد چوندو هو ته اوهان ڪنهن به شئي جي 62 رخن کان تصوير ڪڍي سگهو ٿا، تنهن ڪري حماس جي اسرائيل تي حملي کي اسان کي مختلف زاوين سان ڏسڻ گهرجي. جيئن ڪو ماڻهو مشهور ٿئي ٿو ته ان جي پويان سندس ڪيترن ئي سالن جي اڻٿڪ محنت هوندي آهي، تڏهن وڃي هو ٽيهه چاليهه سالن جي تجربي سان معاشري ۾ هڪ مقام ٺاهي ٿو، اهڙي طرح قومون ۽ رياستون به پنهنجو مقام ٺاهڻ لاءِ ڪيترن ئي سالن تائين ڪمزور قومن جي ذهنن ۾ هڪ عڪس يا تصور ويهارين ٿيون، جيئن سلطنت برطانيا، آمريڪا، اسرائيل ۽ اڄ ڪلهه هندستان ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جڏهن اوهان ليڊر بڻجڻ چاهيو ٿا ته اوهان ڳالهه ڪرڻ، ملڻ، چهري جي تاثر، ماڻهن کي پڙهڻ، انهن جي نفسيات سمجهڻ کي وقت ڏيو ٿا، پوءِ وڃي ڪٿي اوهان هڪ مقام ٺاهيو ٿا. اهڙي طرح ملڪ سياسي، معاشي، معاشرتي، مطلب ته انسان جي ذهن کي متاثر ڪرڻ جي لاءِ سڀني ڪمن جي سئو سالن جي رٿابندي ڪري ان تي ڪم ڪن ٿا. اسرائيل به ايئن ئي ڪيو. ان (نازي) هٽلر جي ساٿين کي دنيا ۾ ڳولي ڳولي ماريو. قبضاگيرن جو رويو هميشه ظالماڻو هوندو آهي. اسرائيل جو به شروع کان ئي ري ايڪشن ظالماڻو رهيو آهي، جنهن سان هن عرب ملڪن جي ذهنن ۾ هڪ خوف پيدا ڪيو ته اسرائيل کي هارائڻ ناممڪن آهي. پوءِ گڏوگڏ ان ٽيڪنالاجي، اسٽارٽ اپس، زراعت ۽ دفاعي شعبن ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي. دنيا جو سپر پاور آمريڪا، مالي ادارا ۽ ميڊيا انهن سان گڏ آهن، جيڪي گڏيل قومن جي فورم تي اسرائيل جي مفاد ۾ فيصلا ڪرائيندا هجن ته باقي ملڪن جي حڪمرانن جي نفسيات تي ڪهڙا اثر پوندا. هونئن به حڪمران جو ڪو مذهب ناهي هوندو، مذهب صرف هڪ هٿيار طور عوام کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ استعمال ٿئي ٿو. لالچ ۽ ڏنڊي جي زور تي ڪجهه مسلمان ملڪن کان حال ئي ۾ اسرائيل کي تسليم ڪرايو ويو، جن ۾ بحرين، امارات، مراڪش شامل آهن. ٻئي مرحلي ۾ سعودي عرب ۽ ان سان گڏ ڇهه ست ٻيا مسلمان ملڪ ٻڌايا پئي ويا، جن کي اسرائيل کي تسليم ڪرڻو هو. جڏهن صرف اقتدار ئي حڪمرانن جي ترجيح هجي ته پوءِ اهي عوام کان تمام گهڻو پري ٿي وڃن ٿا، جنهن سبب جيڪو خال پيدا ٿئي ٿو، ان کي ڪو نه ڪو اچي ڀري ٿو. ڪجهه ڏينهن پهرين حماس جو اسرائيل تي بهتر رٿابنديءَ سان، مربوط قسم جو حملو ٿيو. آئون سمجهان ٿو ته شايد ئي ڪنهن ملڪ ٻئي ملڪ تي ايترو منظم طريقي سان حملو ڪيو هجي. دنيا جي سمورن ٿنڪ ٽينڪس جي لاءِ هي هڪ ڪيس اسٽڊي آهي، جيڪا ايندڙ وقت ۾ اربن گوريلا جنگ ڪندڙ گروپن جي لاءِ هڪ مثال ٿيندو. سڀ کان وڏو نقصان اسرائيل جي ڀرم ٽٽڻ جو ٿيو آهي. دنيا سمجهندي هئي ته اسرائيل سان ڪو وڙهي نٿو سگهي، اهو خوف هاڻي ٽُٽي ويو آهي. اهو “اميج” شايد هاڻي ٻيهر نه ٺهي سگهي. ان جو تڪڙو رد عمل غزه تي حملي جي صورت ۾ متوقع هو. اسرائيل جو طريقهء واردات اهو ئي آهي ته هو زوردار حملو ڪري سئو ٻه سئو ماڻهو ماري انفرا اسٽرڪچر کي تباهه ڪندا آهن، جنهن جي اجازت آمريڪا ۽ يو اين خفيه طور تي ڏين ٿا. حملي جي ڪجهه ڏينهن بعد آمريڪا کي اشارو ٿئي ٿو ته هاڻي اچو جنگبندي ڪرائڻ لاءِ. هن ڀيري حماس جهڙي طرح حملو ڪيو آهي، اهو ناقابل يقين آهي. يقينن رٿابندي هن حملي تائين نه هوندي، حملي جي رد عمل ۾ پنج کان ست هزار ماڻهن جي مرڻ جو خطرو آهي. جيتري ڪاوڙ ۾ اسرائيل حملا ڪندو، اوترو ئي ان جنگ ۾ ڦاسندو ويندو.

مونکي حماس جي ٻي جيڪا ڪاميابي نظر اچي پئي، اها اسرائيل جي چئني پاسن کان جنگ کي ڦهلائڻ آهي. لبنان کان حزب الله به، هڪ ٻي تنظيم اسرائيل تي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جي رد عمل ۾ اسرائيل پنهنجي هڪ لک “ريزرو فورس” لبنان جي بارڊر تي پهچائي ڇڏي آهي ۽ حملا به شروع ڪري ڇڏيا آهن. لڳي ٿو ته حزب الله اسرائيل کي اڳرائي ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو آهي ته جيئن هو ايران کي پڌرو نه ڪري ۽ دنيا کي ٻڌائي ته حملو پهرين اسرائيل ڪيو. حزب الله به شايد تمام جلد حملا شروع ڪري ڇڏي. ٽئين پاسي شام جي سرحد کان گولان جي پهاڙين تي حملن جو امڪان آهي، جيڪي شام، ايران چند تنظيمن کي اڳيان رکي ڪن. مصر کان اخوان مسلمون پنهنجا ماڻهو موڪلي يا هٿيارن جي پهچ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته يقينن آمريڪا اسرائيل جي مدد لاءِ ايندو، جيڪو آمريڪا جي لاءِ تمام گهڻو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. يورپ اڳ ئي يوڪرائن جي جنگ سبب پريشان آهي، هن محاذ تي شايد هو آمريڪا جو ساٿ نه ڏي. آمريڪا جي اچڻ جو مطلب آهي ته روس شام جي رستي هن جنگ ۾ شامل ٿي ويندو. مٿي ٻڌايل صورتحال جيڪڏهن نٿي ٺهي ته هڪ ڳالهه ته يقيني آهي ته سعودي عرب جي لاءِ ڇهه ست هزار ٻار، مرد، عورتون مرڻ بعد اسرائيل کي قبول ڪرڻ شايد گهڻو مشڪل ٿي وڃي. باقي ملڪن کي يا ته سفارتي لاڳاپا ڪافي عرصي لاءِ ختم ڪرڻا پوندا، نه ته انهن ملڪن اندر انهن جي حڪومتن تي حماس جهڙن حملن جا امڪان وڌي ويندا. “ابراهيمي معاهدي” جو مستقبل ڊاوان ڊول لڳي رهيو آهي. امارات، مصر ۽ ٻين مسلمان ملڪن ۾ اسرائيلين تي حملا ٿي سگهن ٿا. اسرائيل پنهنجين آبادين کي بچائڻ لاءِ آئرن ڊورم ميزائل نصب ڪري ڇڏيا آهن. هڪ ميزائل کي روڪڻ لاءِ هڪ لک ڊالر جو خرچ ٿئي ٿو. حماس پوين حملن ۾ ٽيسٽ ڪري ڏسي ورتو، هن ڀيري ست هزار ميزائل فائر ڪري ٻڌائي ڇڏيو ته اسرائيل جا شهر غير محفوظ آهن. ٻئي پاسي حماس جا ميزائل پنجاهه هزار کان هڪ لک ڊالرن جا آهن. پنجاهه هزار جي ميزائل کي روڪڻ جي لاءِ تقريبن ٽي ڪروڙ خرچ ٿي رهيو آهي. اسرائيل جي اندروني حالت پهرين کان خراب آهي. نيتن ياهو جي عدالتي سڌارن تي ملڪ تقريبن گهرو ويڙهه جي حالت ۾ هو. معاشي حالتون پهرين کان ئي ٺيڪ ناهن، هاڻي هن جنگ تي جيڪو خرچ ايندو، اسرائيل ان جو بار کڻي نه سگهندو. هن وقت صرف چار ڏينهن ۾ اسرائيل جو ست ارب ڊالر جو خرچ ٿي چڪو آهي. دنيا جون هاءِ ٽيڪ ڪمپنيون جن پنهنجون آفيسون اسرائيل ۾ ٺاهيون هيون، تڪڙيون ڪنهن ٻئي ملڪ شفٽ ٿي وينديون، ڪيترائي اسرائيلي حالتون بهتر ٿيڻ بعد هميشه جي لاءِ هتان کان لڏپلاڻ ڪري ويندا. انتهاپسند ۽ لبرل يهودين ۾ اختلاف اڃا وڌندا، ملڪ انتهاپسندن جي هٿ چڙهي ويندو. دنيا جو “اسٽارٽ اپ” نيشن (اسرائيل) “اينڊ اپ” طرف وڌڻ لڳندو. آمريڪا جي پنهنجي معاشي حالت تمام گهڻي خراب آهي، هو هڪ حد کان وڌيڪ اسرائيل جي مدد نه ڪري سگهندو. يورپ ۾ آمريڪا جي وچ ۾ پهرين ئي گهڻيون وڇوٽيون آهن، جيڪڏهن آمريڪا يورپ کي زبردستي هن جنگ ۾ ٽپي پوڻ لاءِ چيو ته امڪان آهن ته برطانيا، آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ ڪينيڊا کان علاوه شايد ئي ڪو ملڪ ان جو ساٿ ڏي .سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا دنيا ٽين مهاڀاري جنگ طرف وڌي رهي آهي؟ منهنجو خيال آهي ته شايد اڃا نه، پر هڪ شئي يقينن بدلجي رهي آهي ۽ اها آهي دنيا جي سياسي، معاشي ۽ دفاعي طاقت جو مرڪز، جيڪو هاڻي ايشيا ٿيڻ وڃي رهيو آهي. دنيا ۾ ٿيندڙ هر واقعو آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي ڪمزور ڪندو. ان امڪان کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ته هن جنگ کانپوءِ اسرائيل چين ۽ روس سان بيٺل نظر اچي ۽ چين فلسطين جي رياست ٺاهڻ ۽ اسرائيل کي تسليم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي. گڏيل قومن جو مستقبل به ليگ آف نيشنز جهڙو نظر اچي رهيو آهي. مستقبل ۾ هڪ ٻي تنظيم به ٺهندي، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر ايشيا ۾ هوندو.

[email protected]