ھڪ آرزو ھئي ديواني جي دل ۾!

0
168
ھڪ آرزو ھئي ديواني جي دل ۾!

ھو، جنھن جي ننڍڙين پر باوقار اکين ۾ ھڪ حسين خواب ھو، جنھن جو نالو ھو “آزادي” ۽ ھو ان آزاديءَ جو ايترو عاشق ھو، جو مجلس جڏھن موھ ۾ اچي ويندي ھئي ته چپ ڀڪوڙي چوندو ھو: “آزادي ڪنھن کي نٿي گھرجي؟” پوءَ ھو ان آزادي جي رنگن ۽ رونقن تي ائين ڳالھائيندو ھو، جئين ڪنھن جھرڻي جو پاڻي گڙگاٽ ڪندي پھاڙن تان ھيٺ لھندو آھي. ھن جي لفظن جي ترنم تي ڌرتي ائين ڦيرا پائيندي ھئي، جئين ڄڻ ڪو بي لباس دراوڙ سوم رس پي وحشي رقص ڪري رھيو ھجي. آريسر وٽ تاريخ جو تخيل ھو، ان ڪري ھن جي روح کي سنڌ مرڪڻي مھانڊي وانگي موھيندي ھئي. ھو ديس جي پرمسرت ۽ پر ڪيف آئيندي لاءِ زندان جي زھر ڀنل راتين کان وٺي سندس جھوپڙيءَ جي ڪچي ٿَلهي تائين ھر وقت مصروف عمل رھيو. ھن سمجھي ورتو ھو ته ذلت جي ڊگھي پيڙ ھن ملڪ جي ماڻھن جا اندر کائي خالي ڪري ڇڏيا آھن، ان ڪري ھن تقرير ۽ تحرير ۾ سحر بياني جو سھارو ورتو. لفظن جون گل ڪونڊيون جوڙي ھن ماڻھن جي من ۾ ائين سجائڻ جي ڪوشش ڪئي، جئين ديواليءَ تي داسيون ديپ کڻي اڱڻن جي اوٽ ۾ سجائينديون آھن. آريسر جو جنم ڏينھن سندس پيار ۽ پورھئي سمجھڻ جو سڏ ڏئي ٿو. اسين سندس عظمت جا گيت ان صورت ۾ جهونگاري سگھون ٿا، جڏھن سندس خوابن جي خوشبوءِ وطن جي وستي وستي پھچايون. اھو ئي آريسر جي عشق جو اعجاز آھي، جنھن کي سرت ۽ ساڃاھ ۾ سموئڻ جي ضرورت آھي.

عظيم ڏاھي سقراط چيو ته: “لفظن جو غلط استعمال گناهه آھي”. سنڌ ۾ ان تي ڪامياب عمل عبدالواحد آريسر صاحب ڪيو. ھن ڪڏھن به پنھنجي لکيل/ ڳالھايل ھڪڙي سٽ لاءِ به اھڙو ڪو ترديدي بيان ڪونه ھلايو ته نه، مون اھو ڪونه چيو آھي، اخبار وارن بيان ٽوڙي موڙي پيش ڪيو آھي. ھو روحاني نفاست ۾ مولانا آزاد، عدم تشدد ۾ گانڌي جي جو پوئلڳ ھو پر بيباڪيءَ سان سچ چوڻ ۾ ھن منصور جي واٽ ورتي، ان ڪري ھن جا لفظ سنڌ جي ڪمزور انسانن جي دل ۾ به وقت جي خدائن سان اٽڪڻ جي جرئت پيدا ڪندا رھيا آھن. ھي جيڪي جيئي سنڌ ھلچل ۾ ھزارين ڳاڙھن ڳلن وارا نوجوان آيا ۽ اڇن وارن تائين وڙھندا رھيا، انھن جي فڪري پرورش آريسر صاحب جي ڊڪشن/ٻوليءَ ڪئي. اڄ جو نئون نسل سوشل ميڊيا تي جيترو آريسر صاحب جون لکڻيون/ٽڪرا شيئر ڪري ٿو، ان مان سندس ادبي، علمي ۽ سياسي موقف جي سگھارو ھجڻ جو مضبوط دليل ملي ٿو. آريسر صاحب ننڍي کنڊ جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي پسمنظر تي عبور رکندو ھو ۽ ھن جي ديرينا خواھش ھئي ته سنڌ ۽ ھند جو تھذيبي ميلاپ قائم ٿئي، ڇو ته سڄي مھي ولوڙ بعد دنيا جي دائمي امن ۽ آزاديءَ جو پيغام اوڀر جي ذريعي وڃڻو آھي، ڇو ته ھتي گوتم ٻڌ، مھاوير، اشوڪ، شنڪر آچاريا، گرو نانڪ، لطيف، ڪبير، ٽئگور، بلھي شاهه، ميران ٻائي، تلسي داس جھڙا عالمي سطح جا يگانا ڪردار آھن، جن وٽ انسان ذات جي حتمي نجات جو نظريو آھي.

اڄ مونکي بدلجندڙ حالتن ۾ پنھجي ٿرياڻي ماءَ جي ڪک مان جنم وٺندڙ عبدلواحد آريسر جي بصيرت تي سندس سالگرھ  جي موقعي تي فخر ٿي رھيو آھي، جنھن انڙ آباد جي پٺتي پيل خطي ۾ رھي ڪائنات جي تسخير لاءِ شاندار ڪتاب لکيا، جيل سٺا، ٽارچر سيل ڪاٽيا. آخر ۾ مناجاتون لکڻ جي بدران ويندي ويندي اھو چيائين ته مٽيءَ ۾ ملي مٽي ٿي ويندس. اھا ھن جي سنڌ وطن سان لازوال ڪمٽمنٽ ھئي!

عبدالواحد آريسر جھڙا ماڻھون ڪنارن جي مٽي جھڙا ھوندا آھن، جن کي اوچتو ڪا ڇولي ڇڪي کڻي ھلي ويندي آھي ءَ پويان رھجي ويندي آھي درد جي ھڪ نڌڻڪي شام، جيڪا ور ور پئي يادگيرين جا ڳل پسائيندي آھي. آريسر ان سياسي مڪتب جو ماڻھو ھو، جتي عاشقي جي آرسي ۾ ديس جو ڌنڌلو عڪس ڏسي جوانيون جاڳ جي صليب تي سھڪي ساھ ڏينديون آھن پر موت کي ميار ناھي ملندي. جتي زندگي ڪنھن ڀاڄوڪڙ چور وانگر نه پر ڌڻ جي ڌڻي وانگر اوچي ڳاٽ گذاري ويندي آھي. ان ڪري آريسر موت کي سدائين رومانويت جي راڳ تي رقص ڪرائيندو ھو. ھن جا لفظ پڙھي ڪمزور دلين ۾ دريا خان جي تلوار جھڙي تيزي اچي ويندي ھئي. ڄاڙي باز مقرر جيڪا ڳالھ ڪلاڪ ۾ صحيح نموني سمجھائي نه سگھن، آريسر ھڪ جملي م سڄي وارتا جو تاڪيو اکيلي آڏو رکندو ھو. اھا صلاحيت ايشيا ۾ رڳو ابوالڪلام آزاد ۽ عطاءُ الله شاھ بخاري کي حاصل ھئي. ان ڪري نام نھاد ميڊيا جا مھندار پنھجي ڦٿل ٽماٽن جھڙن ٽاڪ شوز ۾ آريسر کي گھرائڻ کان گھٻرائيندا ھئا ته متان ھن ڪراڙي ڪويءَ جي زوردار دليلن جي ضرب سان ڪوڙ جا قلعا ڀور ڀور نه ٿي پون! سنڌ جي خاموش خطن جون اھي راتيون اڃا اجريون آھن، جن کي آريسر جي ادبي ڳالھين جي ڳھر ڳوڙھن سان ڳالھرائيندي ھئي. آريسر جي سحر بياني ۽ سندس لکڻين جي لھجي اسان سمورن قومي ڪارڪنن جي روح ۾ آزادي جي امنگ کي جرئت ڀري جلا بخشي. ھو اسان جو آئيڊيل انسان ھو. سندس علمي دريا مان ڪي قطرا اسان جي ڪشتي ۾ به آيا، جن جيئڻ جو ڏانءُ ڏنو. اڄ آريسر ھجي ھا ته سيڪيورٽي اسٽيٽ جي موجوده سياسي مھانڊي تي ڪنھن فلسفي جي منجھائيندڙ انداز بجاءِ ھڪ باغي جي تير جھڙن تبصرن سان مخاطب ٿئي ھا، پر ھو وڃڻو ھو ستارن جي سفيد دنيا ڏانھن، جتي ھن جي آجيان لاءِ شھيد عبدرزاق سومري کان وٺي شھيد بشير خان قريشي تائين سندس سمورا ساٿي صف ٺاھي بيٺا ھوندا. اڄ سندس قافلو ڪرب جي ڪوسي لڪ مان لنگھي رھيو آھي. ھو پنھنجا ماکي لار جھڙا لفظ اسان جي حواسن ۾ شراب وانگر اوتي پاڻ عدم جي چادر اوڍي تاريڪي جي تنھائي ۾ سموئجي ويو ھو، جنھن کي بقول سندس، ھٿيارن جا نالا به نه ايندا ھئا ۽ ايتري عدم تشدد جي انتھا شايد گانڌي جي وٽ به نه ھجي. ان جي اھنسا جي فڪر کي ھر انارڪي پسند سوچ کان بچائي اڳتي وڌڻو پوندو. اسين تخريب ڪار نه پر تاريخ جا اڏيندڙ آھيون. ان ڪري آريسر جي زندگي اسان جي راھ ۾ روشني جي لاٽ آھي. آريسر گھاءَ سھي به گڏ ھلڻ کي حسن سمجھندو ھو. ان جي پڄاڻا اسان وٽ سياسي سھپ سڪرات جي حالت ۾ آھي. اسين انائن جي ڪئنچي سان محبت جا سمورا سڳا ڌارو ڌار ڪري رھيا آھيون. اسين دوستن کي پاڻ کان پري ڪري ننڍڙي دل جا ماڻھو ٿي ويا آھيون. آريسر جي اسٽيج تي سندس سفر جا سڀ ساٿي ھجن، جن تتل صحرا جھڙين راتين ۾ آريسر جي ڪتابن کي ڳل ھيٺان ڏئي ڳالھيون ڪيون آھن، اختلافن جي آڙ ۾ ازل جي ناتن جي ڏور ڇنڻ سيد ۽ سندس سياسي ساٿ جي سالار عبدالواحد آريسر جي تعليمات ۽ روايتن جي نفي آھي. بھرحال  اسان جي آريسر صاحب سان ڄڻ صدين جي شناسائي ھئي، ڪو ازل جو ناتو ھو، جيڪو سياست جي ستم ظريفين سان ٽُٽي نه سگھندو. آريسر اھڙو ماڻھو ھو، جنھن جي پيدا ٿيڻ لاءِ سنڌ کي صديون انتظار ڪرڻو پوندو.

مون ٻالڪ اوستا ۾ پھريون دفعو ڪنھن آڊيو ڪيسٽ ذريعي سندس تقرير ٻڌي. ڪجھ نه سمجھندي به مون کي ھن جي لھجي ۽ ادائگي متاثر ڪيو ۽ پوءِ مون سدائين سندس تقرير جي موسيقي ذھن ۾ اوتي. ٿريو ھو، ان ڪري درد سندس آواز مان بڊي جي بادل جئين اوھيرا ڪري وسندو ھو. ساڻس زندگي ۾ بحيثيت ھڪ ڪارڪن جي، گھڻين شين تي اختلاف ھئا پر اڄ جڏھن قومي تحريڪ جي ٽرين نھايت سست رفتاريءَ سان رڙھي رھي آھي، تڏھن اسين سڀ چوندا آھيون ته آريسر ھجي ھا ته سندس ڳالھيون، سوچون ۽ رٿون ھن ٽرين جي انجڻ ۾ ٻارڻ جو ڪم ڏين ھا. وڏن ماڻھن مان اميدون به وڏيون رکبيون آھن. وچ وارو ڪجھ عرصو سندس ڪجھ خير خواھن الائي بد خواھن سندس ڪجھ بيان متضاد ھلايا، جن ۾ ھٿيارن جي مختلف شين سان ڀيٽ، ھٿيار ھلائيندڙ  ھٿن کي چمڻ جي  چاھنا ۽ ان قسم جون غير ضروري رومانويت ڀريل شيون ھيون پر پوءِ فورن ھن پاڻ اچي ان قسم جي ماحول کي رد ڏنو ۽ سيد جي عدم تشدد واري فڪر جي تشريح دھرائي، تڏھن مون سندس اھا ڳالھ ساري ته آئون ھر ان ڪارخاني کي تباھ ڏسڻ ٿو چاھيان، جنھن ۾ ڪو به ھٿيار تيار ٿيندو ھجي. آريسر صاحب پنھجي جسامت ۾ ئي امن جو اڇو جھنڊو لڳندو ھو، جنھن گانڌي ۽ سيد جي اھنسا تي مولانا آزاد کان به وڌيڪ لکيو آھي.اڄ آريسر صاحب جي تقريرن ۽ تحريرن کي سنڌ جي ماڻھن تائين پھچائڻ جي ضرورت آھي، جيڪو ڪم اسين توڙي سندس پارٽي نه ڪري سگھي آھي. جنھن سماج ۾ مقامي “دوپيازن” جون غير اھم ۽ ڇسي مزاح سان ڀريل تقريرون ھوٽلن، رڪشائن، موبائيل فونن تي سر عام ھلنديون ھجن، اتان توھان ڪھڙي نسل جي پيدا ٿيڻ جي توقع رکو ٿا؟ ايتريون تقريرون آريسر جون ٻڌيون وڃن ته سنڌ جي بيداري واري جھدوجھد ڪامياب ٿي سگھي ٿي.