رويا ئي ڪاميابي ۽ ناڪامي جو بنياد آھن

0
136
رويا ئي ڪاميابي ۽ ناڪامي جو بنياد آھن

 ڪنھن شخص، گروھ، لابي يا قوم جي اصل قوت  اھي رويا آھن، جن جي بنياد تي ھو دنياداري ڪري ٿو. ڪاميابين جو دارو مدار مضبوط روين تي آھي، جڏھن ته ناڪامين جو سبب ڪمزور رويا ھوندا آھن. ڊوڙڻ ۾ ھرڻ شينھن کان تکو ھوندو آھي پر ھرڻ جي مقابلي ۾ شينھن پوري قوت ۽ مستقل مزاجي سان ڊوڙندو آھي. ھرڻ ڪجھ وقت تيز ڊوڙي پوءِ ڍرو ٿي پوئتي جو جائزو وڻندو آھي. اھي رويا شينھن جي ڪاميابي ۽ ھرڻ جي ناڪامي بڻجن ٿا.

                 سڪندر اعظم جڏھن ايران تي حملو ڪيو ھو تہ ٻنھي قوتن ايران ۽ مقدونيا جو فوجون مضبوط ھيون، پر ويڙھ دوارن ھڪ مرحلي تي دارا سست تي پوئتي ھٽيو، جنھن جو ڪمزور رويو فوج جي ڪارڪردگي تي اثرانداز ٿيو. جيتوڻيڪ ايراني فوج وڙھندي رھي پر منجھن اھو حوصلو ٽُٽي ويو، جيڪو لڙائي جي ميدان ۾ لڙائي کٽڻ لاءِ ضروري ھوندو آھي. ان جي ڀيٽ ۾ سڪندر اعظم جي فوج سندن اڳواڻ جي قيادت ۾ مڪمل حوصلي ۽ اعتماد سان وڙھندي رھي، جنھن ڪري ايران جھڙي وڏي سلطنت جي مضبوط فوج پنھنجي سرزمين تي شڪست کائي ويئي.

رويو ڪنھن نظريي يا ماحول جي اثر ۾ ٺھندو آھي. ڪٿي اھو ذاتي مزاج جي اثر ھيٺ بہ ھوندو آھي. قوم جي مجموعي طور نرم يا سخت رويي ٺھڻ جا بہ ڪٿي مذھبي تہ ڪٿي معاشرتي سبب ھوندا آھن. عيسائيت ڪنھن کي چماٽ لڳڻ تي ان کي ٻيو ڳل آڏو ڪري ڏيڻ جو درس پئي ڏنو آھي. اتي اسان  جي خطي ۾ صوفي نظريو بہ ساڳئي قسم جو درس ڏئي ٿو ته:

ھو چونئي تون مَ چئو واتان ورائي،

اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،

پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪينڪي.

يعني مان زيادتي ٿيڻ تي بہ ڪو رد عمل ڪونہ ڏيندس، باقي ھن کي نيت لڳندي. ٻين لفظن ۾ ڪمزور رھندي ٻئي کي ان جي نيت ۽ عمل جي سزا ملڻ جي اڻ سڌي بد دعا ڏيڻي آھي. ائين گلا بہ اھو عمل آھي، جنھن ۾ گلا ڪندڙ پاڻ ڪجھ ڪري نہ سگھندو آھي، تنھن ڪري گلا ڪري پنھنجي اندر جي ڪاوڙ ڪڍندو آھي. ڪٿي گلا ان ماڻھوءَ کي ٻئي سان ويڙھائڻ جي ڪوشش ۾ ھوندي آھي. جيڪو قوت ۽ حوصلو رکندڙ ھوندو، سو پنھنجو بدلو بہ وٺندو تہ وڙھندو بہ سڌو. جيڪو وڙھڻ ۾ ڪمزور ھوندو آھي يا ويڙھ سندس مزاج ۽ روين جي خلاف ھوندي آھي، سو رواجن جو سھارو وٺي پنھنجو بچاءُ ڪندو آھي. سنڌي ماڻھو ڊگھي ويڙھ جو مزاج ڪونہ ٿو رکي، تنھن ڪري منٿ ميڙ، تڏو بخشائڻ، نياڻي ميڙ وٺي وڃڻ وارا عمل ڪري ٿو.

ائين ھندو مذھب ۾ بہ ٻئي کي نقصان رسائڻ يا مارڻ پاپ چيو ويو، جنھن جي گھڻ رخي اثر ھيٺ ھندستان جي خطي جي وڏي ھندو آبادي سدائين منگولن، ترڪن ۽ پٺاڻن جي ڏاڍ ھيٺ رھي. ھر ڪو تلوارون لھرائيندو اچي مندرن تي حملا ڪرڻ سان گڏ آبادي تي ڏاڍ ذريعي ڊگھي خانداني حڪمراني ڪندو ھو. روين ۾ ڪمزوري ماضي ۾ ھندن کان آزادي کسي ورتي.

صوفي سنڌي پنھنجي سرزمين تي ڌارين جي بالادستي ۾ رھندي وسيلا ڦرائڻ سان گڏ ڌارين کان مارون کائيندا رھيا. ڌارين حڪمرانن جي ڏاڍ سان گڏ ٻاھران آيل بزرگن جي تعليم جي اثر سبب ھنن جو رويو ۽ مزاج نرم ٿي ويو. ان حوالي سان ٻڌ مت جي اثر واري علائقي تبت  مان دلائي لاما ملڪ ڇڏي وڃي پرديس ۾ رھي جان بچائي. سندس پوئلڳ مانڪ چين جي ڏاڍ هيٺ رھي، مارون کائي ھاڻي ڪنڊائتا ٿي ويا آھن.

ان حوالي سان تاريخ جا ورق اٿلائبا تہ معلوم ٿيندو تہ يھودي ان ڪري فرعون جا غلام ھئا، جو ھو ڪمزور ھئا. حضرت موسي عه کين ان غلامي مان آزاد ڪرائي فلسطين وٺي آيو ھو. جيتوڻيڪ ھو پاڻ ۾ اختلاف رکڻ سان گڏ حضرت موسي عه جي ھدايتن جي بہ نافرماني ڪندا ھئا پر ٻئي قوم سان وڙھي ڪونہ سگھندا ھئا. ان کان پوءِ واري دور ۾ ايران جو بادشاھ بخت نصر مٿن حملو ڪري پوري قوم کي غلام بڻائي وٺي وڃي قيد ڪيو. ان شڪست ۽ ان موقعي تي بخت نصر طرفان ھيڪل سليماني جي ڪيرائڻ تي رھيل ھڪ ديوار آڏو اچي ھو گريہ ڪندا آھن. روئي ان واقعي تي قومي ناڪامي جي معافي گھرندا آھن.

مسلمانن جي رويي تي نظر وجھو تہ سعودي عرب جي سرزمين تان وڃي ٿوري فوج ٻيڙا ساڙي مڪمل اعتماد سان اڳتي وڌي اسپين تي قبضو ڪري ورتو ھو. تنھن سرزمين جا رھاڪو اڄڪلھ لڙائي کان بچڻ لاءِ پنھنجو گھر ڦرائيندا رھن ٿا. سندن پئٽرو ڊالر جي وڏي رقم مغربي ملڪ کين ڊيڄاري ڦري ٿا وڃن. سندن اڳوڻي ۽ ھاڻوڪي رويي ۾ فرق صاف ظاھر آھي. اڳ واري ڪاميابي مضبوط روين سبب ھئي، ھاڻوڪي پستي ڪمزور روين سبب آھي.

وقت گذرڻ سان انھن قومن ۾ ڊگھي سختي جي رد عمل سبب روين ۾ تبديلي آئي آھي يا اھا سجاڳي سبب آھي. پوءِ اھي يھودي جيڪي صدين کان ڪمزور ھئا، سي ھن نئين اسرائيل ۾ رھندي جارح ٿي ويا. پنھنجي ملڪ لاءِ زمين خالي ڪرائڻ لاءِ ڪٿي ڪوس ڪيائون تہ ڪٿي پاڙيسري ملڪن تي حملي آور ٿيا. اڄ اھو ننڍو ملڪ اسرائيل خطي جو مضبوط ملڪ آھي. سندن معاشي قوت ۽ سندن ايجنسين جا ھٿ ٻين ملڪن جي حساس تنصيبات تائين پھتل آھن. ڪي سال اڳ لبنان تي حملي ڪرڻ جي ڪجھ ڏينھن کان پوءِ اسرائيل جي ھڪ  ڪالم نگار لکيو ھو تہ اھو اسرائيل جو خوف آھي، جو دنيا جي ڪنھن بہ ملڪ اسان جي ان حملي جي کلي مخالفت نہ ڪئي آھي.

ھندستان کي ڏسو تہ ماضي ۾ منگولن ۽ ٻين حملي آورن جي غلامي ۾ رھندڙ قوم انگريزن کان آزادي ملڻ تي ھاڻ ميزائل ٺاھي پنھنجي ملڪي ۽ قومي قوت تي فخر ڪرڻ لڳي آھي. چوندا آھن تہ بکيو ماڻھون بک ۾ مري ويندو آھي يا ڪجھ ملڻ تي کائي کائي مري ويندو آھي. ھندستان بہ ٿوري طاقت ملڻ تي ڪپڙن کان ٻاھر پيو نڪري. تازو ڪئناڊا ۾ سک رھنما ھرديپ سنگھ نجار ۽ ان کان پوءِ وري ٻئي سک اڳواڻ جي قتل تي ڪئناڊا طرفان ان قتل جا پيرا ھندستان سرڪار طرف وڃڻ وارن بيانن تي رد عمل ۾ ھندستان جي ميڊيا جي نمائندن ڪئناڊا جي وزير اعظم جسٽن ٽروڊو جي مخالفت ۽ ان تي چٿرون ڪرڻ سان گڏ اھي بيان بہ ڏنا تہ ھي ڪئناڊا آھي ڇا؟ اسان جون آبدوزون وڃي ان کي بمن سان تباھ ڪري اينديون. ھي ماڻھون ماضي ۾ جڏھن پنھنجي پاڇي کان ڊڄندا ھئا، ھر حملي آور جون مارون کائيندا ھئا، ڪنھن ساھ واري کي مارڻ ۾ پاپ سمجھندا ھئا، سي روين ۾ تبديلي سبب دنيا کي اکيون ٿا ڏيکارين ۽ جھيڙي جي ڳالھ ٿا ڪن.

ماضي جي روين جي ڀيٽ ۾ عيسائين، يھودين ۽ ھندن جي روين ۾ ڪيڏو فرق اچي ويو آھي! دنيا جي ٻين ڪيترن حصن ۾ قومن غلامي کان بيزار ٿي آزادي لاءِ منظم ڪوششون ۽ ويڙھون ڪيون آھن. ڪٿي وري حادثاتي طور مليل آزادي ۾ قومون حوصلو وٺي رويا بدلائي ٿيون وڃن. سبب ڪو بہ ھجي پر وقت جي حساب سان قوم جي سوچ تبديل ٿيندي تہ اھا حالتن کي منھن ڏيڻ ۾ مددگار ٿيندي. پنھنجي خودمختيار پاليسي ھيٺ مفادن واري ھن جھان ۾ اصولن تي مھاڏو اٽڪائڻ بہ خوددار قوم جي نشاني آھي.

ڪئناڊا جيڪو معاشي پاور ضرور آھي پر ڪو فوجي پاور ڪونھي، تنھن انساني حقن جي معاملي تي سعودي عرب سان مھاڏو اٽڪائي تعلقات خراب ڪيا، جنھن جو ان کي وڏو اقتصادي نقصان ٿيو. ٻئي ڀيري اصولي موقف تي متحده عرب امارات سان ان جا تعلقات ڪافي وقت ڪشيده رھيا. ھاڻي ھندستان جنھن کي مغرب سرپرستي ڪري مٿي آڻي چين جي سامھون طاقت طور بيھارڻ گھري ٿو، تنھن سان بہ اصولن تي اختلاف ڪندي ان جي سک رھنما جي قتل ۾ ملوث ھئڻ واري عمل جي کلي نندا ڪئي آھي.

ان حوالي سان جيڪڏھن پنھنجي سنڌي قوم جي روين تي نظر وجھون تہ انھن ۾ نرمي جو عنصر واضح نظر ايندو. اسان جو مزاج خطي جي ٻين قومن، پٺاڻ، بلوچ ۽ پنجابي جي ڀيٽ ۾ نرم ۽ مختلف آھي. انھن روين تي فخر تہ ڪريون ٿا پر اسان جا رويا نرم ٿيا ڇو، سو پنھنجي جاءِ تي ڌيان طلب آھي. اھو فخر الائي سچو آھي، الائي پنھنجي ڪمزوري لڪائڻ لاءِ آھي، ڪٿي اھو مزاج لکڻين يا شاعري ذريعي پڌرو ٿئي ٿو. اياز جي ان شعر وانگر:

سنڌي سڀ سٻاجھڙا، ٻاجھ نہ ڪنھن جي وڏ

سوال اھو آھي تہ اھي رويا ٺھيا ڪيئن ۽ وقت سان گڏ مٽجن ڇو ڪونہ ٿا؟ ڪي ان کي ڊگھي غلامي سان ڳنڍين ٿا. غلامي دوران “آداب غلامي” واري ضرورت ھيٺ ھيٺانھين، جان بچائڻ ۽ حاڪم جي جبر کان بچڻ لاءِ ڪئي وڃي ٿي. ان سان گڏ حملي آورن سان گڏ ايندڙ پير فقير وري معاشري ۾ دل صاف رکڻ وارا قصا ۽ ڪھاڻيون ٻڌائي ماڻھن جو مزاج نرم ڪندا رھيا. کين ھٿين خالي دنيا ۾ اچڻ ۽ ھٿين خالي وڃڻ کي ڪاميابي ھجڻ وارو درس ڏنو ويو:

ڪڇي ڪاڇوٽِي، نانگَنِ ٻَڌِي نِينھن جِي،

جَھِڙا آيا جَڳَ ۾، تَھِڙا وِيا موٽِي،

اُنيِن جِي چوٽِي، پُورَبِ ٿِيندِي پَڌِرِي.

ھاڻي جيستائين انھن جي چوٽي پورب کان پڌري ٿئي، تيستائين تہ اسان وڃون ٿا وکون پوئتي ٿيندا. اسان جو ماڻھو ان حوالي سان مونجهاري جو شڪار آھي. اڳ  ان کي منجهائڻ وارا اسان جا پير فقير ھئا، ھاڻي وري اسان جا ليکڪ ۽ دانشور، جيڪي سنڌي قوم کي صوفي رھڻ تي فخر ڪرڻ سان گڏ دنيا وانگر مھاڏو اٽڪائي طاقت سان حق وٺڻ تي ھمٿائين ٿا. ٻئي گدرا مٺ ۾ ڪيئن جھلي سگھبا؟ سنڌ جو ڏاھو مولانا عبيد الله سنڌي افغانستان مان تحريڪ جي ناڪامي تي جڏھن روس، ترڪي ۽ سعودي عرب مان ٿي ڊگھي عرصي کان پوءِ موٽيو تہ ھن ڪراچي پھچڻ تي جيڪو جملو چيو ھو، سو رھنما ھو تہ،

“مَٽجو نہ تہ مِٽجي ويندئو”.

جتي اسان جو مزاج نرم آھي، اتي اسان جو روين ۾ ھمٿ افزائي بہ گھٽ آھي. ڪجھ ڏينھن اڳ منھنجي فيس بوڪ تي لکڻي، جنھن جو عنوان ھو “سنڌي عورت ۾ اعتماد جي کوٽ جا سبب” تي ھڪ محترمہ تبصرو ڪندي لکيو ھو تہ سنڌي عورت با صلاحيت آھي ۽ اھا پنھنجون صلاحيتون مڃائي ٿي. مان بہ ان خيال جو آھيان تہ سنڌي ماڻھو بشمول عورت جي، ذھين ۽ با صلاحيت آھن پر ڳالھ آھي ان اعتماد جي، جنھن جي کوٽ آھي. عورت ۾ اعتماد جي کوٽ مرد جي شڪي رويي سبب آھي، جنھن ڪري صلاحيت ھوندي بہ سنڌي عورت مجموعي طور تي پنھنجو ڪردر ادا ڪري نہ ٿي سگھي. چند عورتن جي سرگرمين کي نمائنده نہ ٿو چئي سگھجي. ان ڪري ڌارين جي ڏاڍ، بزرگن جي نصيحتن، پنھنجي معاشري جي رواجن سبب جيڪي رويا ٺھيا آھن، تن تي وقت جي حساب سان نظر ثاني جي گھرج آھي. ڪو مڃي يا نہ مڃي، ڪو ڀلي ان حوالي سان احساس برتري ۾ رھي پر اسان جا رويا موجوده دور جي ضرورتن ۽ مستقبل جي چئلينجن کي منھن ڏيڻ لاءِ موزون ڪونھن.

[email protected]