سياسي جماعتون ۽ معاشي پروگرام

0
154
سياسي جماعتون ۽ معاشي پروگرام

 جيڪڏهن ڳوڙهائي سان سوچجي ٿو ته هتي سنڌي ماڻهن جي مختلف مزاجن کي سمجهي، انهن کي انهيءَ حال تي ڇڏي باقي ڌرين پنهنجا پورا فائدا سنڌ اندر ماڻيا آهن. مذهبي جنون هونءَ ته اسان ماڻهن ۾ ايترو ڪونه رهيو آهي، پر جيڪي ٻه ٽي داڻا مذهبي سوچ وارا آهن، اهي ڀلي اسان جا قومي سڄڻ نه به هجن، پر ان بنياد تي سيڌي سامان وٺڻ لاءِ انهيءَ جي دڪان ڏانهن ئي رخ ڪن ٿا؛ ڀلي ڌرتي ڄائي جو دڪان ڀر ۾ ڇو نه هجي. انهيءَ سبب جي ڪري هر آئي ڏينهن وڏن ننڍن شهرن ۾ ڌاري دڪانداري پنهنجا پير ڄمائيندي پئي وڃي. “سنڌي ماڻهو مهمان نواز آهن” واري سوچ مان فائدو وٺندي پهرين هندستان مان ۽ هاڻي پوري ملڪ مان بسون، ٽرينون ڀري شهرن ۾ آبادڪاري ڪئي پئي وڃي. اسان جي سيرانديءَ کان صوبي جي ماڻهن پهرين ڏينهن کان پاڻ کي اهڙن مهمانن کان بچائي رکيو ۽ اڄ به سندن روش ساڳي آهي. توڻي جو سندن ٻوليءَ وارا سنڌ مان واپس اوڏانهن وڃن ٿا، تن کي به اتي قبول نه ٿو ڪيو وڃي ۽ پوءِ اهي واپس اچي هتي رهن ٿا. سنڌ ۾ رهندي، انهن سڀني کي آريا لوڪ واري سوچ ڏني پئي وڃي. ملڪ ۾ مارشلائون به لڳيون، پر ڇا چئجي، جو انهن خلاف نفرت ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ ڀتر اڇلڻ ۽ غليل هلائڻ جيتري مزاحمت ئي سهي، سنڌي ماڻهن ڪئي. موٽ ۾ سنڌ اندر هجرت جو لباس پائي آيل ڪمانڊر صاحب سان ٿي بيٺا. جواب ۾ پنهنجا پير مضبوط ڪندي سنڌ اندر واپاري ميدان مڪمل وس ڪيو. سنڌ جي سياسي جماعتن مان هڪ ٻن کي وزير اعظم هائوس ۾ ڪجهه سال رهائي اهڙو مفلوج ڪيو ويو، جو هن وقت سنڌ جي والار ڏسندي به چپ ڪيو وتن ته متان هتي سخت ٿيڻ سان انهن صوبن مان پارٽي ووٽ نه کڻي. باقي سنڌ تائين محدود ٻين پارٽين کي به مطالبي ڪرڻ کان وڌيڪ حشمت ڪانه آهي. مطالبو به انهن کان ڪندا، جيڪي هتان جي وسيلن ۽ آباديءَ جي خلاف والاري سوچ رکن ٿا. تعليم ۾ اڳيان نڪرڻ هڪ سٺو سنؤڻ آهي، پر ماسٽرس ڪرڻ تائين 25 سال عمر ٿيو وڃي. جيڪڏهن اڃا اڳتي پڙهون ته 30 کان به ٽپيو وڃون. هاڻي تعليم ڪيڏي به وڏي ڇو نه هجي، ٿيڻ ته ان شخص کي ملازم ئي آهي. پوءِ اها ملازمت وقتي طور تي ڪيڏي به مٿاهين ڇو نه هجي، ان سوچ مان فائدو حاصل ڪندي، سنڌ اندر ڪاروباري ادارن جا مالڪ وڏي انگ ۾ ٻاهريان ٿيا ويٺا آهن. اسان فقط نوڪريءَ واري سوچ ۾ غلطان آهيون. انهن سڀني ڳالهين کي ڇڏي، جنهن عمل سنڌ کي نقصان ڏنو، اها هڪڙو هتان جي واپاري طبقي جو لڏي وڃڻ، جيڪي هندو مذهب سان واڳايل هئا. باقي جيڪي ساڃاهه رهي، سڄي جو سڄي ڪميونزم ڏانهن لاڙو ڪري وئي. وڏيري ۽ سرمائيدار تي ڪاوڙيا وتن، عام جي ته خبر ناهي، باقي شاگردن ان جو وڏو اثر ورتو. موٽ ۾ هتي واپاري طبقو پيدا ٿي نه سگهيو. اها جاءِ آرام سان بغير ڪنهن مزاحمت جي باقي صوبن جي ڪاروباري ماڻهن اچي والاري آهي.بنيادي طور دنيا تي ٻه معاشي نظام غالب آهن. هڪڙو: ڪميونزم، جنهن ۾ رياست جا پيداواري ادارا حڪومت جا هوندا آهن. عوام رياست لاءِ ڪم ڪندو آهي. موٽ ۾ رياست انهن جي بنيادي ضرورتن جو پورائو ڪندي آهي. ٻيو آهي، سيڙپڪاري نظام: هن ۾ پيدواري ادارا عوام يا خانگي هٿن ۾ هوندا آهن. هاڻي عوام جيترو ڪم ڪندو. اوترو ان جي آمدني ٿيندي، ۽ پنهنجي ضرورتن سان پاڻ منهن ڏيندو. هن مضمون ۾ سيڙپڪاري نظام ڏانهن ڪجهه ڌيان ڇڪائبو؛ اسان ٻهراڙيءَ سان هجڻ جي ڪري زراعت سان واقف آهيون ۽ ڄاڻون ٿا ته هر فصل لاءِ زمين جي تياري، ٻج ڇٽڻ ۽ پاڻي ڏيڻ ضروري آهي. اهڙي نموني سان سيڙپڪاري نظام هيٺ ٻج جيان پئسو سيڙايو ويندو آهي. جنهن جي موٽ ۾ انساني ضرورت جون ڪيئي شيون ٺهنديون، سفر ڪنديون، وڪرون ٿينديون، توهان اسان جي ڪم اينديون آهن. انسان بنيادي طور لالچي آهي. پنهنجي ڪم جي بدلي پنج يا پنجاهه ملندس ته ڪم ۾ دلچسپي وٺندو، باقي رڳو لٽي مانيءَ جي بدلي رياست لاءِ پورهيو ڪري ڏکيو آهي! جنهن جو ڏيک سرڪاري آفيسن ۾ هر ڪو ڏسندو آهي. ان هوندي جو ماهواز پگهار به ملي ٿي، پر ڪم ڪار لاءِ آيل فرد جيڪڏهن پنهنجي ڪم جي مزدوري آفيس ۾ نه ٿو ڏئي ته سندس مسئلو هماليه جو روپ وٺي آفيس اندر سرڪڻ لاءِ تيار ناهي. 76 سالن جو نچوڙ هي آهي ته سنڌي ماڻهن جي هڪ سيڙپڪاري تنظيم لاءِ ڪوشش ورتي وڃي ته جيئن سنڌي موڙيءَ کي سيڙپڪاريءَ لاءِ صحيح جڳهه ۽ صحيح رستي تي آڻي سگهجي. اسان ماڻهو، سيڙپڪاريءَ ڏانهن ڇڙ وڇڙ نموني وڌون ٿا. جنهن جي صورت هاءِ وي تي اچي وڏو پلاٽ هٿ ڪري پئٽرول پمپ ۽ گڏ ئي هوٽل به ٺهرايون ٿا. ڇهه مهينا انتظار ٿا ڪريون ته گراهڪي وڌندي، پر هاءِ وي تي هلندڙ ٽرڪن، بسن وارن کي پنهنجي علائقي جي بورڊ واري هوٽل کانسواءِ ڪٿي به بيهڻ کان جهليل آهي. نتيجي ۾ ڇهه مهينا پهريان ٺهرايل، اسان جو پمپ ۽ هوٽل ڪنهن “خيل” واري کي ٺيڪي ۾ ملي وڃي ٿو ان هوٽل تي لکيل ٻولي سنڌي نه ٿي رهي، ڏسندي ڏسندي ٽرڪن، بسن جي بيهڻ سان گڏ انهيءَ خيل جا مالڪ ۽ مزدور سنڌي معيشت جي هڪ چوڪي پنهنجي وس ڪيو ويٺا آهن.

هونءَ ته هر سياسي جماعت جو معاشي پروگرام ٿيندو آهي، پر سنڌ جي ڪنهن به سياسي جماعت جو لاڙو معيشت جي سيڙپڪاري (ڪيپيٽلزم) نظام ڏانهن محسوس نه ڪيو آهي. سنڌ کي هن وقت سرمايي ڪاري نظام جو منشور رکڻ واري سياسي پارلياماني جماعت جي ضرورت آهي. پوءِ ڇو نه اهو هاڻي ٿيندڙ اليڪشن ۾ ننڍين سياسي جماعتن جو اليڪشني اتحاد ئي هجي.