اقتدار جو اٺ ڪهڙي پاسي جهڪندو؟

0
148
اقتدار جو اٺ ڪهڙي پاسي جهڪندو؟

 مسلم ليگ (ن) جي سربراہه ميان نواز شريف بيان جاري ڪندي چيو آھي، “آئون لکي ڏيان ٿو ته آئنده وزير اعظم آئون ٿيندس”. ان بيان پاڪستاني سياست ۾ ھڪ وڏي ھلچل مچائي ڇڏي آھي. ان تي ملڪ اندر ٻين  پارٽين جي ڪارڪنن جا ڪن کڙا تي ويا آھن ۽ اهي سوچين پيا ته، نواز شريف ڊيل ڪري ويو ڇا؟ جنھن کان پوءِ نواز شريف جا اصل چوٽيءَ وارا سياسي داٻا آھن. هو چئي ٿو ته، عوام جي مجرمن کي ڪڏھن ڪونہ ڇڏيندس. ميان صاحب جي ان بيان تي مون جھڙا سادہ سودا ماڻھو حيران پريشان ٿيا آھن ته سڀئي ڪرپٽ ماڻھو ڪاٺ ۾ ھوندا، ھر ڪنھن کي حساب ڏيڻو پوندو. ملڪ مان کنڊ، ڪڻڪ، اٽي جي ذخيرا اندوزي ڪندڙن جي پاڙ پٽجي ويندي، انھن جون ملڪيتون، اسٽاڪ ٿيل مال ضبط ڪري کين جيل ڀيڙو ڪيو ويندو. چئني صوبن ۾ سستائي ايندي، تيل، گيس بجلي جا بل گھٽ ٿيندا، غربت گھٽ ٿيندي، وغيرہ وغيرہ. ٻئي پاسي گھڻن ماڻھن کي ڪجھ خوف به ورايو آھي، خاص ڪري انھن ۾ سندس ڀاءُ شھباز شريف به شامل آھي. کيس نواز جي ان اٻھرائي تي خوف آھي. ھن اڳ ۾ نواز شريف جي ھر غلطي جي سزا ڀوڳي آھي، وڏا ڪشالا ڪڍيا آھن، کيس ڪيسن کي منھن ڏيڻو پيو آھي، ان جي ڪري ئي نواز شريف مٿان داخل ڪيسن جو بار  هلڪو ٿيو آھي. ھو مفاھمتي عمل کي جاري رکيو اچي. پر هاڻي نواز شريف وري ساڳين پيچرن تي اچي ويو آهي. ساڳيا سخت بيان: “نئين ڇڊان گا”.

 ڏٺو وڃي ته نواز شريف دلي طرح نٿو چاھي ته شھباز، حمزه اڳيان ھجن ۽ مريم پوئتي ھجي پر سندس مجبوري ھـئي، جو لندن وڃي نڪتو. ھاڻ جڏھن شھباز شريف ڪم کي ٺاھيو آھي ته ھن سوچيو تہ ھاڻ سياسي  بازار ۾ ڪو ٺاھوڪو آئٽم پيش ڪجي، ڪا نواڻ آڻجي. پوءِ هن ھن اھو آئٽم ان بيان جي صورت ۾ جاري ڪيو آھي، اهو سوچي ته ملڪ  اچان ته ماڻھو مھانگائي، بک بيروزگاريءَ جا سور وساري مٿس فدا ۽ قربان ٿين. ان ڏينھن اچان ته مينار پاڪستان جي گرائوند تي بيھڻ جي جاءِ نه بچي. پر سندس ان بيان تي شھباز شريف ڪافي پريشان آھي. نواز شريف وڏي هام ھنئي آھي ته ايندڙ وزير اعظم ٿيندس ۽ وزير اعظم ٿيڻ کان پوءِ اڳوڻي آرمي چيف قمر باجوا، جنرل رٽائرڊ فيض حميد، اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس کوسا، عظمت سعيد کي ڪونه ڇڏيندس. چوي ٿو ته اھي عوام جا ڏوھاري آھن، انهن ملڪ کي نقصان ڏنو آھي.

ٻئي پاسي نواز شريف جي بيان کي ڪجھ  سياسي حلقا محض ھڪ سياسي بيان طور ڏسن ٿا. ان جو مقصد رڳو شھباز شريف جي گذريل حڪومتي ناڪامين تي پردو وجھڻ سمجھن ٿا. نواز شريف، جنھن کي  ڪورٽ 7 سال سزا ڏني ھئي، 2019ع ۾ پاناما ريفرنس ۾ جيل ۾ ھو، پوءِ بيماري جو بھانو ڪري چئن ھفتن لاءِ ضمانت تي لنڊن علاج خاطر ويو ۽ واپس نه آيو. هيترا سال ٿي ويا نواز شريف کي طبيعت اجارت نه ڏني ته ھو وطن موٽي. سمجھڻ وارن سمجھيو ته نه اچڻ جو اصل ڪارڻ ڪھڙي بيماري آھي. ھاڻ ھن وڏي جوش ۽ دٻدٻي سان 21 آڪٽوبر تي مينار پاڪستان تي اچڻ جي ڳالھ ڪئي آھي. ان لاءِ سندس پارٽي اڳواڻن کي زيادہ ماڻھن گڏ ڪرڻ جو ٽاسڪ مليل آھي، جيئن گڏ ٿين ته پوءِ قانون تحت نواز شريف  گرفتار ٿـئي ته ماڻھن جون ھمدرديون حاصل ڪري وٺجن. ڏٺو وڃي ته گذريل حڪومت جي مھانگائي عوام کي روڊن تي آندو، ان جو ذميوار عوام شھباز شريف، پ پ پ، مولانا فضل الرحمان ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن کي سمجھي ٿو. 13 پارٽين جي اتحاد تي اڱريون کڄڻ لڳيون. پر ان سڀني مسئلن کي ھاڻ  انوار الحق ڪاڪڙ واري حڪومت ڏسي پئي. کنڊ، اٽي، ڀاڻ جي ذخيرن تي ڇاپا شروع ٿي ويا آھن پر مھانگائي تي ايترو ڪنٽرول ناھي ٿي سگھيو. ٻئي پاسي نيب وٽ ڪيترن ئي سياستدانن جا ڪيس کلي ويا آھن. ايئـن کڻي چئجي ته سياستدانن لاءِ ھڪ طرف باھ ٻئي پاسي پاڻي آھي. انھن کي جنوري 2024 ۾ امڪاني اليڪشن به ھر قيمت تي وڙھڻي آھي ۽ پاڻ کي نيب کان ڇڏائڻو آھي. انھن ۾ نواز شريف بہ شامل آھي. ھن وقت ھر پارٽي جي اھا منشا آھي تہ “سڄڻ” اسان تي راضي ٿين. ان ريس ۾ وس آھر ھرڪو زور لڳائيندو رھي ٿو. پي ٽي آئي چيئرمين سميت ڪافي ليڊر جيل ۾ آھن. پارٽي صدر چوڌري پرويز الاھي 12 دفعا ضمانت تي آزاد ٿي وري ٻين ڪيسن ۾ گرفتار ٿيندو رھيو  آھي. اھوئي ساڳيو چوڌري ھو، 2018 ۾ سرڪاري زمين پرائيويٽ اداري کي ھائوسنگ سوسائٽي لاءِ ڏيڻ جي الزام ۾ سپريم ڪورٽ کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو، گرفتاري پنھنجي جاءِ تي پر ادارن سندس نالو جاچ مان ئي خارج ڪري ڇڏيو ھو. بھرحال 9 مئي واري واقعي کان پوءِ مٿس ڏکيا ڏينھن آيا آھن، پر وري ھي ۽ سندس پارٽي چيئرمين به ان مڪتب جا “کٿابي” آھن، جتان نواز شريف ابتدائي تعليم حاصل ڪئي ھئي. ساڳي وقت جمھوريت جي چيمپيئن هجڻ جي دعويدار ارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پاڪستاني سياست ۾ ڄڻ ته پي ايڇ ڊي ٿيل آھي. سندس پارٽي ليڊر بشمول خورشيد شاہ به نواز جي بيان کي محض ھڪ سياسي چال چون ٿا، ۽ اتي  پ پ به پر اميد آھي ته ايندڙ وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو. هاڻي ڏسجي ته اقتدار جو اٺ ڪهڙي پاسي ٿو جهڪي؟