سکر/ روهڙي (نمائندن وٽان) روهڙي جي علائقي لوڪوشيڊ ڪالوني ۾ 40 سال جي نصرت زال نادر لاشاري ڇنڇر واري ڏينهن 14 سال جي ڌيءَ بچل لاشاري سميت ڪارو پٿر پيتو. نينگري بچل بر وقت اسپتال پھچڻ بعد بچي وئي آهي جنهن جو سکر جي سول اسپتال ۾ علاج جاري آهي. نصرت لاشاري جو لاش وارث بغير پوسٽ مارٽم جي لاڙڪاڻي ويجهو اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا جتي کيس دفنايو ويو. عورت جي وارثن مڙس تي قتل ڪرڻ جو الزام هنيو آهي، جڏهن ته ان واقعي کان پوءِ فوتي عورت جو مڙس فرار ٿي ويو آهي، ٻئي پاسي روهڙي پوليس پاران لاش بغير پوسٽ مارٽم جي کڻائي دفن ڪرڻ ۽ بر وقت پوليس کي اطلاع نه ڏيڻ کان پوءِ واقعي کي قتل قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ پوليس گڏيل ڇنڇر واري ڏينهن رات جو دير سان عورت جي ڏير رياض لاشاري ۽ فوتي عورت جي پٽ شاھنواز لاشاري کي گرفتار ڪري ورتو ھو، ۽ پوليس ٻئي ڏينهن وڌيڪ ڪارروائي ڪري ٽن ڄڻن محمد پناھ، شفيع محمد ۽ مير جت کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هوڏانهن راهوجا واسڻ حاڪم زال محمد عيسيٰ لاشاري سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دانھيو آھي ته هڪ ڏينهن اڳ منهنجي ڄاٽي نادر ڌيءَ نصرت کي زهر ڏئي قتل ڪري لاش سکر اسپتال ۾ ڇڏي ويو، لاش کڻائي رتوديرو جي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو. پوليس محمد پناهه لاشاري، شفيع محمد لاشاري ۽ مهمان ميجر جت کي بي گناهه گرفتار ڪيو آهي،پوليس جو چوڻ آهي ته لاش عورت جا ڀائر کڻائي ويا آهن ۽ عورت جو مڙس فرار ٿيل آهي ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ وڌيڪ جاچ ھلندڙ آهي عورت جي وارثن لاش کڻائي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي آهي، جيڪڏھن لاش ظاهر نه ڪيو ويو ته عورت جي وارثن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ پوليس جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.