ڪنري (رپورٽ:انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري ڀرسان ناصرآباد جي ڳوٺ ڊاڪٽر راڻو مل ڪڇي ۾ اوچتو باهه لڳي وئي. باهه ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترن ئي گھرن کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. جنھن سبب ڪولھي برادري سان تعلق رکندڙ لڇمڻ ڪولھي، ارجڻ، ٿاوڙ، جئرام، شنڪر، ڀيمون، نيڻون ۽ ٻين جا 15 گھر سڙي ويا. باهه سبب گھرن ۾ پيل قيمتي سامان، سونا زيور، 4 نياڻين جو ڏاج، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جون سمون، ڪارڊ، ڪڻڪ، ھنڌ بسترا، کٽون، برتن سميت ٻيو قيمتي سامان سڙي ويو. جنھن سبب ڳوٺاڻن جو لکين رپين جو نقصان ٿي پيو. ڳوٺاڻن ٽائون ڪاميٽي ڪنري جي فائربرگيڊ عملي کي اطلاع ڏنو پر ڪنري جون فائربرگيڊ گاڏيون خراب ھجڻ سبب نه پھچي سگھيون. جنھن بعد عمرڪوٽ ۽ سامارو جي فائربرگيڊ گاڏين کي گھرايو ويو. گاڏيون دير سان پھتيون. ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت باهه تي قابو آندو ۽ وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچايو. باهه متاثرن ٻڌايو ته اسان ٻپھرن جو ٻنيءِ تي ويل ھئاسين ته پويان گھرن کي اوچتو باهه لڳي وئي. گھرن ۾ عورتون ۽ ٻار ويٺل ھئا جيڪي پنھنجيون جانيون ۽ جانورن کي بچائي ٻاھر نڪتا. باهه سبب لکين رپين جو نقصان ٿيو آھي. سخت گرمي سبب کُليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھيون. متاثرن وس وارين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واھر ڪئي وڃي. هوڏانهن پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز پاران رابطو ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد حسن کوسو ٻڌايو ته ٽائون ڪاميٽي مالي بحرانن جو شڪار آھي. فنڊن جي تمام گھڻي کوٽ آھي ۽ ڪافي معاملا رولڙي جو شڪار آھن انڪري اسان پنھنجي ڪوششن تحت ڪم کي جاري رکيون پيا. ھن چيو ته ھڪ فائربرگيڊ گاڏي خراب ھجڻ سبب حيدرآباد ۾ بيٺل آھي جيڪا تيار ٿي وئي آھي ۽ ڪجهه ڏينھن ۾ اچي ويندي جڏھن ته ٻي گاڏي کي ٺھرائڻ جي به ڪوشش ڪنداسين.