ڪوٽڙي/مانجھند (نمائندن وٽان) کاڻوٺ لڳ ڳوٺ زيمي جي رهواسڻ 24 سالن جي رخسانه خاصخيلي زال اصغر علي 2 ڏينهن اڳ مڙس ۽ ٽن ٻارن سان گڏ حيدرآباد کان ڳوٺ پئي وئي ته علي آباد لڳ موٽر سائيڪل تان ڪري زخمي ٿي پئي هئي، جنهن کي ڄامشوري جي لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي عورت فوت ٿي وئي، ان حوالي سان عورت جي ڀاءُ غازي خاصخيلي ٻڌايو ته ڀيڻ رخسانا 4 سال اڳ اصغر خاصخيلي سان پسند جي شادي ڪئي، جن سان اسان جي اچ وڃ بند هئي، ڀيڻ کي سندس مڙس قتل ڪري حادثي جو ڊرامو رچايو آهي، سندس چوڻ هو ته حادثي ۾ مڙس ۽ ٻارن سميت موٽر سائيڪل کي رهڙ به ناهي آئي، جنهن ڪري اسان کي شڪ آهي ته ڀيڻ کي قتل ڪيو ويو آهي، هن ٻڌايو ته پوليس کي ڏنل درخواست تي لاش دفنائڻ کان اڳ ڪوٽڙي اسپتال پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليو ويو آهي، هن مطالبو ڪيو ته مامري جي جاچ ڪري وڃي، ٻئي پاسي عورت جي مڙس جي ويجهن عزيزن شفيع محمد ۽ پيربخش موجب رخسانه جو رئو موٽر سائيڪل جي ٽائر ۾ ڦاسي پيو، جنهن ڪري هو هيٺ ڪري فوت ٿي وئي، هنن چيو ته قتل الزام ڪوڙو آهي، هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته لاش جو پوسٽ ڪرايو آهي، شروعاتي ڄاڻ موجب واقعو قتل نه پر حادثو آهي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪارروائي ڪبي.