روهڙي (ن پ ا) جھانگڙو ٿاڻي جي حد علي واھڻ ۾ بيٺل ماڻهو کي موٽر سائيڪل جو ٽڪر لڳڻ تان مھر ۽ عباسي برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب مھر برادري جا عبدالغفور مھر، عبدالصمد مھر، وقار مھر، نڀائو مھر سميت پنج ڄڻا ۽ عباسي برادري جا اسلام الدين عباسي، اسلم، عثمان، اصغر، دلبر، سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ تعلقا اسپتال روھڙي داخل ڪيو ويو، جتان ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري کين سکر ريفر ڪيو ويو، زخمين جي وارثن موجب واقعي جو جھانگڙو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو آهي