سنڌ جو قديمي ماڳ موهن جو دڙو ھڪ دفعو ٻيھر بند

0
264

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر، سنڌ جو قديمي ماڳ موهن جو دڙو کي ھڪ دفعو ٻيھر بند ڪيو ويو، سنڌ جي وڏي وزير جي تفريحي ماڳ بند ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ موهن جو دڙو کي بند ڪيو ويو آهي، مختلف ضلعن کان وڏي انگ ۾ ماڻھو پنهنجي فئملن سان قديم ماڳ تي پهتا، پر مک گيٽ تي پوليس سيڪيورٽي وڌائي وئي ۽ ماڻهن کي واپس ڪيو ويو، موهن جو دڙو انتظاميه اڻڄاتل مدي تائين موهن جو دڙو بند هجڻ جو مک گيٽ تي ليٽر لڳائي ڇڏيو.