روهڙي (ن پ ا) روهڙي ويجهو پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ پٽڻي موڙ وٽ نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرڪ جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار صالح پٽ واسي پيرسن محمد پناهه ڊول سندس زال مسمات سڪينه ۽ پيرسن جو ڀائٽيو جاويد ڊول سخت زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال روهڙي آندو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي پيرسن محمد پناهه فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمين جو علاج جاري آهي. ھوڏانھن پوليس موجب ٽرڪ کي پوليس تحويل ۾ ورتو آهي.