ٽنڊومحمدخان (رپورٽر) ٽنڊومحمدخان شهر جي پير پاڙي جي ڪچي آبادي ۾ 3 پورهيتن الله الدين ملاح، زبير ملاح ۽ يعقوب شيدي جي ڪچن گهرن کي اوچيو باهه وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهرن ۾ پيل هزارين روپين جو پيل قيمتي سامان مڪمل طور تي سڙي رک ٿي ويو. باهه کي پنهنجي مدد پاڻ تحت علائقي واسين وسائي ورتو، جڏهن ته باهه جا متاثر تائين کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. انتظاميه يا ڪنهن سرندي واري سندن ڪابه مالي مدد نه ڪئي آهي. باهه جي متاثرن صحافين آڏو دائهيندي چيو ته اسان غريب مسڪين پورهيت آهيون اسان جو باهه ۾ الهه تلهه سڙي ويو آهي اعلي اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي مدد ڪئي وڃي.