راڻيپور (ن پ ا) سنڌي ادبي سنگت شاخ راڻيپور- گڏيجي پاران گذريل ڏينهن روهڙي ڪئنال جي ڌڌڪي واري پل تي دريا کي گل نڇاور ڪري سنڌو درياءَ کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. اديبن شاعرن مختيار چنو، قربان گل چنو، بشير احمد جانوري، جاويد احمد راڄپر، نياز ڄامڙو، لياقت ميمڻ، حاجي سرور راڄپر، ذالفقار سهتو، سرواڻ راڄپر، سڌير راڄپر ۽ آصف ڄامڙو روهڙي ڪئنال ۾ گل نڇاور ڪري لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي اديبن ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته سينئر صحافي علي قاضي ”سنڌو تو ۾ساهه اسان جو“ عنوان تحت ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪري اسان ۾ پنهنجي قومي وسيلن جي مالڪيءَ جو جوش جاڳايو آهي. اسان پڻ وچڻ ڪريون ٿا ته سنڌ جي تاريخي ورثي ۽ وسيلن جي حفاظت لاءِ ڪابه قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائينداسين.