سنڌڙي (ن پ ا) ھنڱورنو ھاءِ اسڪول ۾ ايڪتا تقريب ٿي، جنھن ۾ استاد ۽ شاگرد ثقافتي ويس پھري شريڪ ٿيا، ان موقعي تي شاگردن قومي گيتن تي رقص ڪيو ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا، پروگرام ۾ سنڌ جي ثقافت جي حوالي سان سوال جواب ڪيا ويا، جنهن ۾ ڪامياب ٿيندڙ شاگردن کي مڊل ڏنا ويا، ان موقعي تي استادن ارباب سيمجو، فاروق بروھي، آتم مل، شير محمد درس، حسيب ڪانھيون، عبدالله مري ۽ ٻين چيو ته پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي ايڪتا ڏهاڙي جو اعلان ڪري سنڌي قوم تي وڏو احسان ڪيو آهي، هنن چيو ته اڄ ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو ويندو.