فاطمه ڦرڙو سان زيادتي جي تصديق: پير اسد شاهه سان ڊي اين اي جزا ميچ: وزيرقانون

0
254

ڪراچي  (رپورٽ : نظير ميمڻ ) قانون ۽ انساني حقن واري وزير عمر سومرو چيو آھي ته  راڻيپور جي پيرن زيادتي بعد بيدردي سان قتل ٿيل معصوم فاطمھ ڦرڙو ڪيس جا ڊي اين اي جزا صحت کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان تباھه ڪرايا

اسان پنجاب مان ٽيسٽ ڪرائي، جتي ڊي اين اي جا جزا پير اسد شاهه سان ميچ ٿي ويا، آئون پيرن جي  حويلي ۾ ڪم ڪندڙ فاطمه ڦرڙو ڪيس جي سلسلي ۾ خيرپور ويو ھئس، ڊي اين اي جا نمونا هڪجهڙا نه ھئا

ڪالهه هتي مقامي ھوٽل ۾ نيشنل جوڊيشل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته نگران ڪابينا ۾ فائر فائٽر ٽائيپ اڳواڻ موجود آھن پر اختيار تمام گھٽ آھن، ھن چيو ته ايپڪس ڪاميٽي ۾ شامل رھيس، ملاقاتن ۾ بريفنگ به ڏني وئي، قبيلائي سردار ۽ چونڊيل نمائندا ڌاڙيلن جا سرپرست آھن

هن چيو ته مون شڪارپور جي اسپتال جو دورو ڪيو، اتي حالت خراب هئي، دعا آهي ته وڏيرن  جا ٻار به سرڪاري اسپتالن مان  علاج ڪرائين، شڪارپور ۾ ايسٽرو ٽرف گرائونڊ اڳوڻي صوبائي وزير جي والد جي نالي تي ٺاهيو ويو آھي

عمر سومرو جو چوڻ ھو تھ ڊي سي کي عوامي هنڌن تي نالا رکڻ جي حوالي سان جسٽس صلاح الدين پنھور جو حڪم ڏيکاريو پر ٽي هفتا گذري ويا آهن اڃا تائين گرائونڊ جو نالو تبديل نه ڪيو ويو آهي، تقريب کي سينيئر وڪيل اڳواڻ نديم شيخ، شھاب سرڪي ۽ ٻين خطاب ڪيو

هي به پڙهندا

فاطمه ڪيس: اسد شاهه ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم جي تاريخ مقرر