فاطمه ڪيس: اسد شاهه ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم جي تاريخ مقرر

0
250

راڻيپور جي حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس  ۾ نامزد جوابدارن خلاف 24 نومبر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جوابدار حنا شاهه، اسد شاهه، فياض شاهه ۽ امتياز ميراثي پيش ڪيا ويا

پوليس عدالت ۾ پڪو چالان پيش ڪري ڇڏيو، جنهن بعد جوابدارن کي 24 نومبر تائين سکر جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

 جوابدارن جي وڪيل موجب پڪو چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، هاڻي پوليس جو ڪو ڪم نه ٿو بچي، فيصلو عدالت ڪندي

وڪيل موجب جوابدارن کي 24 نومبر تي ٻيهر پيش ڪيو ويندو، ان ڏينهن مٿن فرد جرم لاڳو ٿيندو