ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ فلڊ رليف فنڊ جي نالي ۾ سرڪاري ملازمن جون پگهارون ڪاٽڻ واي معاملي ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي خبر آهي ته اهي پئسا متاثرين کي نه ملندا،حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو سڀ کائي ويندا، عدالت سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي 11 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو، ڪالهه سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي( اسٽيوٽا)  ملازمن جي درخواست تي ٻڌڻي دوران سندن وڪيل ٻڌايو ته سنڌ فلڊ رليف فنڊ جي نالي تي اسان جون پگهارون بنا اجازت ڪاٽيون ويون آهن، تعليم کاتي ۽ ٻين کاتن جي ملازمن جون پگهارون واپس ڪيون ويون آهن، رڳو اسٽيوٽا ملازمن جون پگھارون ڪاٽي امتيازي سلوڪ ڪيو ويو آھي، جنهن تي عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته جڏھن ٻين کاتن جي ملازمن جون پگھارون واپس ڪيون ويون آھن ته پوءِ ھنن کي واپس ڇو ناھن ڪيون ويون؟ سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عدالت جي حڪم تحت اسڪول ۽ ڪاليجز کاتن  جي ملازمن جي پگهارن ۾ ڪٽوتي ڪيل فنڊ واپس ڪيو ويو آهي. عدالت چيو ته ڇا حڪومت کي اهو اختيار آهي ته فلاحي ڪمن جي نالي تي پگهارون ڪاٽي؟ اسان کي خبر آهي ته اهي پئسا متاثرين کي ملندا به نه ، حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو سڀ کائي ويندا، عدالت سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي 11 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو، واضح رهي ته اسٽيوٽا جي گريڊ هڪ کان 17 جي 200 کان وڌيڪ ملازمن پٽيشن داخل ڪئي هئي.