ذوالفقار ڀٽو جي ڦاهي عدالتي قتل قرار ڏيڻ جو ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو

0
182

پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي کي عدالتي قتل قرار ڏيڻ بابت صدارتي ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

ذيعن موجب ذوالفقار ڀٽو جي ڦاهي بابت صدارتي ريفرنس ايندڙ هفتي ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيڻ جو امڪان آهي، صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ ڪندي

ذريعن موجب ريفرنس جي ٻڌڻي چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٿيندي

ياد رهي ته 2011 ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت اُن وقت جي صدر آصف زرداري ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي بابت ريفرنس داخل ڪرايو هو

اُن وقت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري پنهنجي سربراهي ۾ 11 رڪني لارجر بينچ جوڙي، جنهن 3 جنوري 2012 کان 12 نومبر 2012 تائين ڪيس جون 6 ٻڌڻيون به ڪيون پر ڪو فيصلو نه ڪري سگهي

هاڻ تقريبن 11 سال جي ڊگهي عرصي کانپوءِ ريفرنس ٻيهر ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو پيو وڃي