توشا خانه ريفرنس فيصلي خلاف عمران خان اپيل واپس وٺڻ واري درخواست رد

0
109
عمران خلاف سائفر ڪيس جي اِن ڪيميرا ٻڌڻي جو فيصلو: پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي خبرون هلائڻ تي پابندي
عمران خلاف سائفر ڪيس جي اِن ڪيميرا ٻڌڻي جو فيصلو: پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي خبرون هلائڻ تي پابندي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانه ريفرنس فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جي اپيل واپس وٺڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، چيف جسٽس عامر فاروق درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن 21 آڪٽوبر 2022ع تي پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين کي اسيمبلي ميمبر طور نااهل قرار ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو هو، پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين فيصلي خلاف 28 آڪٽوبر 2022ع تي لاهور هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو

پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ معاملو التوا هيٺ سبب 18 جنوري 2023ع تي اپيل واپس وٺڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي،ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت 13 سيپٽمبر 2023ع تي فيصڪو محفوظ ڪيو هو، جيڪو اڄ ٻڌايو ويو