دادو (رپورٽر ) دادو ۾ ٻن نينگر ڀائرن تي چوري جي الزام هيٺ تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو، کين سرِ عام تشدد ڪرڻ تي ٻارڙا پيرين پئي ٻانهون ٻڌي معافي وٺندا رهيا، جنهن جي وڊيو پڻ سامهون آئي آهي. ان ڏس ۾ دادو شهر جي موندر ناڪو وٽ دوڪاندار علي حسن لنڊ ۽ سندس مزدورن چوري جي الزام هيٺ ٻن معصوم ڀائرن کي پڪڙي اي سيڪشن پوليس حوالي ڪيو آهي ، اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او مشتاق عالماڻي ٻڌايو ته علي حسن لنڊ جي اطلاع تي پهتاسين ته اتي ٻارڙن کي پڪڙي رومال سان سندن هٿ ٻڌل هئا. اسان ٻارن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي معاملي جي جاچ ڪيون پيا. گرفتار ٻار بچل ملاح جا پٽ ٻڌايا پيا، وڃن سندن عمر 9 کان 11 سال آهي ، ٻئي طرف دوڪاندار توڙي سندس مزدورن ٻارن تي چماٽن، مڪن جا ڌڪ هڻي ڳچيءَ مان پڪڙي سندن هٿ ٻڌا ويا، تشدد دوران ٻارڙا دوڪان مالڪ ۽ مزدورن کي هٿ ٻڌي بيڏوهي هئڻ جون دانهون ڪندا رهيا پر ڪنهن کي معصوم ٻارن تي رحم نه آيو. ٻارڙن دڪاندارن کي پيرين پئي معافي به ورتي. ايس ايچ او مشتاق عالماڻي موجب ٻارن تي ڪولڊ ڊرنڪ وارين بوتلن جو ڪريٽ چوري ڪرڻ جو الزام هو، دڪاندار کين اسان جي حوالي ڪيو پر سندن عمر ننڍي هجڻ ڪري سندن پيءُ کي گھرائي ان جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.