ڪراچي (م ڊ) پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ اڄ کان اسڪول کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پنجاب ۾ ڏهين ۽ ٻارهين جماعت جي شاگردن لاءِ تعليمي ادارا اڄ کان کوليا ويندا، تعليم جي صوبائي وزير مراد راس اعلان ڪندي چيو ته تعليمي ادارن کي روزانو 50 سيڪڙو شاگرد گهرائڻ جي اجازت هوندي، ٻئي طرف ڪي پي ڪي حڪومت به اڄ کان صوبي ۾ نجي ۽ سرڪاري ڪالج کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڪي پي ڪي تعليم کاتي جي پڌري موجب صوبي ۾ اڄ 31 مئي کان سموريون نجي ۽ سرڪاري ڪاليجون ڪورونا ايس او پيز تحت کوليون وينديون.