ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي زراعت واري وزير اسماعيل راھو چيو آھي ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سبب پرڳڻي ۾ ڪپهه ۽ ڪمند جي 5 لک ايڪڙن تي گهٽ پوکي ٿي آهي، لاڙ ۾ ووئنڻن جي پوکي جا آخري ڏينهن آهن، ترت پاڻي نه مليو ته پوکي ٿي نه سگهندي، گڊو کان ڪوٽڙي تائين پاڻي پهچ ۾ 9 ڏينهن لڳي ويندا آهن، وفاقي حڪومت نيب ۽ ايف آءِ اي جيان ارسا کي به يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر، عمران خان ۽ سندس وفاقي ڪابينا ملوث آهي. بلاول ھائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هيل هڪ لک ايڪڙن تي گهٽ پوکي ٿي آهي، جڏهن ته ڪمند پڻ 3 لک 10 هزار بجاءِ رڳو هڪ لک 99 هزار ايڪڙن تي مس پوکجي سگهيو آهي، لاڙڪاڻي ۽ لاڙ جي 8 ضلعن ۾ ساريالي فصل جي پوکي پڻ شروع نه ٿي سگهي آهي ، هن چيو ته بلوچستان اسان جو ڀاءُ آهي، اسان ان جو پاڻي چوري نه پيا ڪريون، سنڌ کي اڳ ۾ ئي پاڻي گهٽ ملي رهيو آهي، بلوچستان کي پورو پاڻي ڪٿان ملندو؟ هن چيو ته سنڌ کي ھٿ وٺي ڏڪار جي ور چاڙھيو پيو وڃي، ٿر ۾ ڏڪار باوجود ڪڻڪ افغانستان موڪلي وئي، وفاقي سرڪار پاران گذريل سال پيل برساتن دوران آفت سٽيل قرار ڏنل ضلعن جي آبادگارن جا قرض به معاف نه پيا ڪيا وڃن، هن چيو ته ارسا چيئرمين سنڌ جي ميمبر سان بدتميزي ڪئي، انهي جو اڃا ازالو نه ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته بجلي، ڀاڻ، زرعي دوائن جا اگهه چوٽ چڙهيل هجڻ ڪري سنڌ جي زراعت اڳ ۾ ئي تباهي جو شڪار آهي، ويتر سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ رهيل ڪسر ڪڍي ڇڏي آهي، عمران خان حڪومت ارسا کي به نيب ۽ ايف آءِ اي وانگر يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته سنڌ سُڪي يا ٻڏي پر وفاق سدائين لاتعلق رهيو آهي.اسماعيل راھو چيو ته سنڌ ۾ گذريل سال ماڪڙ حملو ڪيو پر وفاق ڪو به تدارڪ نه ڪيو، هن چيو ته ساريون، وونئڻ ۽ ڪمند پوکڻ جو وقت اچي ويو آهي پر سنڌ ۾ پاڻي ناهي. سنڌ ۾  ڪڻڪ 27 لک ايڪڙن ۽ ساريون 17لک 90 هزار ايڪڙن تي پوکيون وڃن ٿيون، بدين ۾ پهرين مئي کان وونئڻن جي پوکي شروع ٿيندي آهي، سنڌ کي ھٿ وٺي پاڻي کوٽ ڏئي سنڌ کي ڏڪار جي ور چاڙهيو پيو وڃي. ھن چيو ته ھن سال 6 لک 40 سال ايڪڙن تي وونئڻن جي پوکي ٿيڻي هئي پر پاڻي نه هجڻ ڪري 20سيڪڙو  ڪپهه پوکي وئي آهي، جيڪا پڻ پاڻي نه ملڻ ڪري سڙي رهي آهي، ڪمند جو پوکيل 25 سيڪڙو فصل به سڙي رهيو آهي، ڪيلن جا باغ ۽ سايون ڀاڄيون به پاڻي نه ملڻ ڪري متاثر ٿي رهيون آهن . اسان وفاق کي درخواست ڪئي هئي ته گذريل سال جي آفت سٽيل علائقن کي ئي رليف ڏنو وڃي، اتان قرضن جي وصولي بند ڪئي وڃي پر وفاق ڪجهه به نه ٿو ٻڌي.