دادو: نوجوان ناري پيءُ ۽ ڀاءُ سوڌو تحفظ لاءِ عدالت پهچي وئي

0
433

دادو(ن پ ا) دادو جي رهواسڻ نوجوان ناري امبر، پيءُ شهزور ۽ ڀاءُ سليم سميت تحفظ لاءِ عدالت پهچي وئي، جتي امبر چيو ته سڱ نه ڏيڻ تان مامن شاھ محمد ۽ منور سولنگي حملو ڪيو جنهن ۾ محفوظ رهياسين، ماما اغوا ۽ قتل جون ڌمڪيون پيا ڏين، زندگين کي خطرو آهي تحفظ ڏنو وڃي، ناري جي مامي شاه محمد جو چوڻ آهي ته امبر کان بدپيشو ڪرايو پيو وڃي،حملو ناهي ڪيو نه ئي ڌمڪيون ڏنيون، فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت امبر ۽ سندس پي ۽ ڀا کي تحفظ ڏيڻ جا حڪم ڏيندي پوليس کي حڪم ڏنو ته جاچ ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي ته امبر کان صغري سولنگي بدپيشو ڪرائيندي آهي يا نه.