ڳڙھي ياسين ڀرسان بااثرن جو پيرسن تي وحشياڻو تشدد، تذليل

0
301

ڳڙھي ياسين (ن پ ا) ڳڙھي ياسين ڀرسان بااثرن جو پيرسن تي وحشياڻو تشدد، منهن تي ڪارنهن ملي تذليل ڪئي وئي، پيرسن تي تشدد ۽ تذليل واري وڊيو ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتي،ڳوٺ دڙي جاکري ۾ فيصلي ۾ هلڻ لاءِ لائوڊ اسپيڪر تي هوڪا ڏيڻ تان آفتاب ڪاڪيپوٽو کي تشدد جو نشانو بڻائي کيس تذليل ڪئي وئي، متاثر پيرسن جو چوڻ آهي ته ، عبدالغني ڪاڪيپوٽو ۽ عبدالسميع ڪاڪيپوٽو وارن حملو ڪري تذليل ڪئي ۽ ڳوٺاڻا ڏسندا رهيا.