دادو ( رپورٽر )دادو جي عدالت پاران قتل جي ڪيس ۾ ٽن جوابدارن کي عمر قيد ۽ 6 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ان ڏس ۾ فورٿ ايڊيشنل سيشن جج دادو قاضي نعيم محمد صديقي جي عدالت قتل ڪيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 3 جوابدارن حميد ، ابراهيم ۽ عباس لغاري کي عمر قيد ۽ ٻه ٻه لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ، جوابدارن خلاف 2019 ۾ ڦلجي وليج ٿاڻي تي سڱاوتي تڪرار تان محمد رمضان لغاري جي فرياد تي سزا ٻڌايل جوابدارن خلاف واپاري بهادر لغاري کي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو ، ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪاٽيندا، عدالت پاران سزا ٻڌائڻ کانپوء جوابدارن کي پوليس جي سخت سيڪيورٽي ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد نيو ويو آهي