ٽنڊوغلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان ڳوٺ ميهار خان لغاريءَ جي رهواسين حور لغاري، مريم، حسين بخش ۽ خميسو لغاري گذريل ڏينهن بااثرن خلاف احتجاج بعد پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان ڪجھه مهينا اڳ ڳوٺ اندر 40 لکن ۾ پلاٽ خريد ڪيو. هاڻ بااثر لڏائڻ جو ڪوشش ڪري رهيا آھن. گذريل رات گهرن تي هلان ڪري اسان کي مارڪٽ ڪري اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هنن مطالبو ڪيو ته بااثرن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي.