خيرپور (رپورٽر) اسسٽنٽ ڪمشنر خيرپور ۽ اسسٽنٽ مختيارڪاروارث ڳنڀير، ٺيڙهي باءِ پاس سميت خيرپور شهر ۽ ڀروارن علائقن جي هوٽلن تي اوچتو ڇاپا هڻي هوٽل شبير هوٽل، دعا هوٽل، نوناري هوٽل، قلندري هوٽل جي مالڪن مٿان 38 هزار 500 رپيا ڏنڊ هڻي موقعي تي وصول ڪيو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر خيرپور صفدر علي ميراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رمضان شريف ۾ ڪجهه منافعي خور هوٽل مالڪ بغير اجازت جي هوٽل کولي ويٺا هئا، اهڙيون شڪايتون ملڻ کان پوءِ ڄاڻايل هوٽلن تي ڇاپا هڻي هوٽل مالڪن مٿان ڏنڊ وصول ڪيو آهي.