پيارو اسٽيشن (ن پ ا) پيارو اسٽيشن ڀرسان کارڙا موڙ تي موٽر سائيڪل کي بچائيدي ڪار ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ 8 ورهين جي مھتاب چانڊيو سميت 6 ڄڻا منٺار چانڊيو، محمد مٺل، محرم فقير، نادر حسين ۽ عبدالغفار چانڊيو زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال دادو آندو ويو، جتي عبدالغفار جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس کي وڌيڪ علاج لاءِ سيوهڻ اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي. متاثرن ٻڌايو ته پاٽ شريف کان ڪراچي وڃي رهيا هئاسين ته کارڙا موڙ وٽ سامهون اچانڪ تيز رفتار موٽر سائيڪل اڳيان اچي وئي ان کي بچائيندي اسان جي ڪار ڪلٽي ٿي پئي. هوڏانهن پليس واقعي جي اين سي داخل ڪري ڪار کاهي مان ڪڍرائي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي.