خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ الهه آباد ڪالوني جي رهواسي بلڊنگس کاتي خيرپور جي اڳوڻي هيڊ ڪلارڪ سيد عبدالجبار شاهه پٽ خير شاهه پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ٽي مهينا اڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد چانڊيه موڙ وٽ بلڊنگس کاتي جي ايڪسيئن شاهه زمان شيخ، امتياز سمنگ، ارشاد سمون ۽ الطاف ٻرڙو بااثرن جي چرچ تي هڪ سازش تحت مون مٿان حملو ڪري مون کي شديد زخمي ڪري بيهوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا هئا جنهن بعد اهڙي واقعي کي حادثي جو رنگ ڏئي مون کي اسپتال داخل ڪرايو ويو جتي مسلسل ٻن مهينن تائين آئون بيهوشي واري حالت ۾ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهندو رهيس. هن چيو ته بلڊنگس کاتي خيرپور ۾ هيڊ ڪلارڪ جي عهدي تي رهندي مون ڪيترن ئي سرڪاري بنگلن تان بااثر ماڻهن کان قبضا ختم ڪرايا ۽ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ انهن خلاف ڪيس داخل ڪرايا جنهن ڪري شهر جا ڪيترائي بااثر مون مٿان ڏمريل هئا جن هڪ سازش تحت مون مٿان حملو ڪرائي مون کي قتل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر آئون معجزانه طور تي بچي ويو آهيان. هن چيو ته ڄاڻايل جوابدار اڃان تائين منهنجي جان جا دشمن بڻيل آهن. هن اعليٰ عدالتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.