ڪڍڻ (ن پ ا) ڪڍڻ شھر ۾ نينگريءَ کي نانگ ڪکي وڌو. تفصيل موجب ڪڍڻ شھر جي جمالي پاڙي جي رھواسي نبي بخش جمالي جي 11 ورھين جي نينگري اقراء کي گهرن ڀرسان راند کيڏندي نانگ ڪکي وڌو. وارثن نينگريءَ کي صحت مرڪز ڪڍڻ پھچايو، جتي ويڪسين ڪرڻ بعد نينگريءَ کي بدين ريفر ڪيو ويو آهي.