پيرو لاشاري (ن پ ا) پيرولاشاريءَ ۾ ڳوٺاڻن کين قديمي ڳوٺ مان مبينا طور بي دخل ڪندڙ بااثرن خلاف جلوس ڪڍي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ڳوٺ اسماعيل ملاح جي رهواسين محمد اسماعيل ملاح، گلشير ملاح، مير محمد ملاح، ميرملاح، انور ملاح، سلطان ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪندي چيو ته هو يوسي کورواھ جي جھول موري ڀرسان واقع ڳوٺ ۾ سالن کان رهائش پذير آهن. هاڻي بااثر بشير گجر، انور آرائين، افضل آرائين ۽ ٻيا لڏائڻ لاءِ هٿياربند ٿي کين بيدخل ڪرڻ چاھين ٿا. ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ڊي سي بدين ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته ساڻن انصاف ڪري بااثر ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.