خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ قومي شاهراهه شاھ حسين باءِ پاس ڀرسان ڳوٺ عيدن ميتلو ۾ نصير احمد ميتلو جي گهر کي اوچتو باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ گهر ۾ رکيل ڪڻڪ، بُهه ۽ ٻيو گهريلو سامان سڙي رک ٿي ويو. واقعي بعد بروقت فائر برگيڊ عملي کي اطلاع ڪيو ويو پر فائر برگيڊ عملو دير سان پهتو جنهن ڪري ڳوٺاڻن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو ۽ گهر ۾ رکيل سمورو سامان باهه جي ور چڙهي ويو. هوڏانهن متاثر وڏيري نصير احمد ميتلو موجب سندس گهر کي باهه لڳڻ سبب لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي.