شھدادڪوٽ/قبوسعيد خان (نمائندن وٽان) بلوچستان جي ڳوٺ ڪوٽ مگسي ۾ نوجوان نياز حسين مگسي گهر وارن کان گهريلو ڳالهه تان ڪاوڙجي پاڻ کي گولي ھڻي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، وارثن پاران زخمي نوجوان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف پوليس ٻڌايو ته خودڪشي ڪوشش ڪندڙ نوجوان کي وارث علاج لاءِ لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال کڻائي ويا آهن.