دادلغاري (ن پ ا) داد لغاري جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 7 گهرن ۾ پيل سامان سڙي ويو. ڳوٺ گامڻ لغاري ۾ محمد قاسم جي گهر کي باھ لڳي، جنهن محمد حنيف لغاري جي گهر کي به لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، گهرن ۾ پيل سمورو سامان ان، هنڌ بسترا، کٽون ۽ ٻيو سامان سڙي ويو. هوڏانهن ڳوٺ ڳهڻو گبول ۾ محمود جي گهر کي چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب باھ لڳي. محمود گبول، اسحاق گبول ۽ سومر گبول جي گهرن سميت پنج گهر سڙي خاڪ ٿي ويا. گهرن ۾ پيل ڪڻڪ سميت سمورو سامان سڙي ويو جڏهن ته هڪ ٻڪري به سڙي مري وئي آهي، ڳوٺاڻن پاران همت ڪري باھ تي ضابطو آندو وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان ڳوٺ کي بچائي ورتو، جڏهن ته ڳوٺاڻن جا اجها ۽ سامان سڙي وڃڻ ڪري بي يارومددگار مايوس کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.