خيرپور (رپورٽر) خيرپور پوليس 20 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ترجمان موجب منشيات فروش جوابدارن ۾ سڌير، آصف شيخ، اقبال ڦلپوٽو، شمن علي، مقصود علي، ڪاشف شاهه ۽ زاهد علي شامل آهن جن جي قبضي مان 2100 گرام چرس، 370 نشي آور سوپاريون ۽ 100 گرام ڀنگ شامل آهي جڏهن ته پوليس پاران غير قانوني طور تي هٿيار رکڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيلن ۾ وسيم، انور علي، خالد حسين ۽ سرفراز شامل آهن جن جي قبضي مان چار ٽي ٽي پسٽل هٿيا ڪيا ويا آهن. گرفتار ڪيل جوئارين ۾ وقار، جاويد، ملنگ ۽ محمد پنهل شامل آهن جن جي قبضي مان 25 سئو رپيا روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي. پوليس موجب گرفتار ڪيل سمورن جوابدارن خلاف ڌار ڌار ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن.