گمبٽ (ن پ ا) نئون ڳوٺ پٺاڻو واسڻ صائمه سيال ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار گمبٽ جي آفيس پهچي احتجاج ڪندي دانهيو ته سال ساڳ خليل سيال سان شادي ٿي، مڙس جي ظلم کان تنگ ٿي پنهنجي پيءُ ماءُ جي گھر هلي ويس. سوڀوديرو عدالت معرفت طلاق وٺڻ چاهيان ٿي، مڙس خليل احمد سيال جان جو ويري بڻجي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ظالم مڙس کان قانوني طريقي سان طلاق ڏياري قتل ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ ڏئي سڪون سان زندگي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.