خيرپور جي ڳوٺ گابر ميتلو مان اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي اغوا

0
250

خيرپور (ن پ ا) خيرپور جي ڳوٺ گابر ميتلو مان اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي اغوا، وارثن طرفان بي سيڪشن ٿاڻي تي شاگردياڻي گلناز ميتلو جو اغوا ڪيس داخل، فريادي غلام اڪبر ميتلو دانهيو آهي ته 2 ڏينهن اڳ جوابدارن گهر تي حملو ڪيو ۽ هٿيارن جي زور تي ڌيءُ کي اغوا ڪري ويا، ڌيءُ کي جلد بازياب ڪرايو وڃي، پوليس جو چوڻ آهي ته اغوا ڪيس ۾ ڪجهه گرفتاريون ڪيون آهن، جلد کيس بازياب ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.