حيدرآباد:ناحق باندي بڻايل 36 پورھيتن کي مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت

0
227
نئون ڪوٽ واقعو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت سرن جي بٺي تي ناحق باندي بڻايل 21 عورتن سميت 36 پورهيتن کي مرضي موجب زندگي گذارڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آھي، ڪنري واسي شگن ڪولهي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ٽنڊو حيدر ڀرسان قائم سرن جي بٺي تي سندس زال ۽ پٽن سميت خاندان جا 36 ماڻهون باندي بڻيل آهن جن کان بٺي مالڪ نظر محمد پٺاڻ ۽ مينيجر قادر بخش جبري طور پورهيو پيا ڪرائين، سيڪنڊ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت هڪ ڏينهن اڳ پوليس کي حڪم ڏنو ته ڄاڻايل پورهيتن کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، پٻڻ پوليس بٺي تي ڇاپو هڻي پرڪاش ڪولهي,ڪيول ڪولهي وشرام, امرشي, ديوراج ڪولهي شريمتي ناجو, شريمتي چاندني شريمتي جيوي, شريمتي سوني سميت ٻين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو، بازياب ٿيل عدالت ۾ بيان ڏنو تھ بٺي مالڪ بنا اجرت جي باندي بڻائي جبري طور پورهيو ڪرائيندو هو، عدالت بازياب ٿيلن کي مرضي موجب زندگي گذارڻ جو حڪم ڏيندي پوليس کي پابند بڻايو ته پورهيتن کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ روانو ڪيو ويو.