فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد تيل گئس ۽ ٻين معدني وسيلن سان مالا مال علائقي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران ڪاڇي جا رهواسي ڦڙي ڦڙي لاء تڙپڻ لڳا هيومن رائيٽس ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ميھر علي ڏيرو، امين بروهي، زاهد علي چانڊيو، پيرمحمد ڏيرو،نياز چانڊيو، شبير احمد ڪرٽيو ۽ ٻين شھر ۾ ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا، ڳولي ڏيو ڳولي ڏيو چونڊيل نمائندا ڳولي ڏيو جا زور دار نعرا لڳائيندي چيو ته ڪاڇي ۽ ڀرپاسي جون پاڻيءَ اسڪيمون پبلڪ ھيلٿ کاتي جي آفيسرن ۽ چونڊيل نمائندن جي بيڌياني سبب ڪيترن ئي سالن کان ناڪاره بڻيل آهن ھنن وڌيڪ چيو ته پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ سبب اسين ڪاڇي واسي سڄو ڏينهن گڏھ گاڏن، موٽرسائيڪلن، ٽريڪٽر ٽرالين ذريعي ڏورانھن علائقن مان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آھيون. ھنن وڌيڪ چيو ته فريدآباد ۽ ڀرپاسي جون واٽر سپلا اسڪيمون سيدپور، قائم جتوئي، عاليوال، قادربخش رند ۽ ٻيون پاڻي اسڪيمون سالن کان ناڪاره بڻيل آهن ۽ انهن سان گڏ سال 2018 ۾ ساڍا 6 ڪروڙن جي لاڳت سان ڪاڇي جي فريدآباد سميت 10 کان وڌيڪ ڳوٺن لاءِ مليل پاڻي اسڪيم به اڍائي سالن کان ڪرپشن ۽ رولڙي جو شڪار بڻيل آهي. ھنن سنڌ سرڪار ڊي سي دادو ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪاڇي ۽ ڀرپاسي جون بند پيل سموريون واٽر سپلا اسڪيمون بحال ڪري ڪاڇي ۽ ڀرپاسي جي عوام کي پيئڻ جي پاڻي جي سھولت فراھم ڪئي وڃي.