اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ دلن جو تڙ ۾ ٽيوب ويل ٻن مهينن کان خراب پيل، ڳوٺاڻا پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ سخت پريشان. تفصيل موجب اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ دلن جو تڙ حاجي اڪبر علي دل پاڙي جو ٽيوب ويل ٻن مهينن کان خراب پيل آھي، جنهن ڪري سوين رهواسي پيئڻ جي پاڻيءَ کان محروم بڻيل آهن. ڳوٺاڻن موجب پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ مٺيءَ کي بار بار شڪايت ڪرڻ باوجود اڄ تائين ٽيوب ويل ٺھي نه سگهيو آهي. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن سردار دل ۽ ٻين دانھيندي چيو ته اسان جي پاڙي جو ٽيوب ويل گذريل ٻن مهينن کان خراب پيل آهي. هنن ڊي سي ٿرپارڪر ۽ پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ ٿرپارڪر ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ترت نوٽيس وٺي ٽيوب ويل ٺھرائي ڏنو وڃي. هوڏانهن پبلڪ هيلٿ انجنيئر ويڌوياس ٻُڌايو ته ڳوٺاڻن جي شڪايت جائز آهي، خراب پيل مشين ٺهرائي ٽيوب ويل کي هڪ ٻن ڏينهن اندر بحال ڪرايو ويندو.