لاهور (م ڊ) خوشاب ۾ پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 84 تي سڀاڻي ننڍي چونڊ ٿيندي، چونڊ مهم ختم ٿي وئي، اليڪشن ڪميشن موجب پي پي 84 خوشاب ۾ ووٽنگ لاءِ بيلٽ پيپرز سميت پولنگ سامان ريٽرننگ آفيسر کي موڪليو ويو آهي، ضمني اليڪشن ۾ 8 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو، جن ۾ پي ٽي آءِ جو علي حسين خان، نواز ليگ جو ملڪ معظم ڪلو ۽ پ پ جو غلام حبيب احمد شامل آهن، امجد رضا، اورنگزيب، عمران حيدر خان، الياس خان آزاد ۽ پابندي پيل تنظيم جو اصغر علي به چونڊ ميدان ۾ لٿل آهي. اليڪشن ڪميشن موجب تڪ ۾ ڪل ووٽرن جو تعداد 2 لک 92 هزار 687 آهي، 229 پولنگ اسٽيشنز مان 43 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، امن امان قائم رکڻ لاءِ 500 کان وڌيڪ رينجرز اهلڪار، 2800 پوليس اهلڪار ڊيوٽي ڏيندا.