حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) ڪويت جي هڪ ڪمپني ٿرپارڪر ۾ ٿرڪول جي بلاڪ نمبر هڪ ۾ پاڻي پهچائڻ لاءِ 30 ارب رپين جي سيڙپڪاري تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ بلڊ آپريشن ٽرانسفر (بي او ٽي) پاليسي جي 33هين گڏجاڻي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿي جنهن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ پاليسي بورڊ جي منظوري کانپوءِ ان منصوبي کي حتمي منظوري لاءِ صوبائي ڪابينا ڏانهن موڪليو ويو آهي. سنڌ حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ان منصوبي تي ڪم شروع ٿي ويندو. ڪويت حڪومت جي جنهن ڪمپني سيڙپڪاري لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي اها انرٽيڪ جي نالي سان رجسٽرڊ آهي ۽ ان منصوبي تحت نبي سر کان وجيهار تائين 45 ڪيوسڪ پاڻي پهچائڻ لاءِ پائيپ لائين وڇائي ويندي ۽ اهو منصوبو 12 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. نبي سر کان وجيهار تائين پهچندڙ 45 ڪيوسڪ پاڻي جي ذريعي ٿرڪول جي بلاڪ نمبر هڪ ۾ 1600 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي سگهندي. ٿرڪول جي حوالي سان سنڌ حڪومت جو اهو پهريون وڏو منصوبو آهي جنهن ۾ غير ملڪي ڪمپني پاڻي پهچائڻ جي هڪ منصوبي تي 30 ارب رپيا سيڙپڪاري تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. ان منصوبي تي سنڌ جو آبپاشي کاتو عمل ڪندو. ان کان اڳ ٿرڪول جي بلاڪ نمبر 2 کي پاڻي پهچائڻ لاءِ پڻ ٿرڪول واٽر ورڪس جي نالي سان هڪ منصوبو جوڙيو ويو هو جيڪو تياري جي آخري مرحلن ۾ آهي.