خانپورمھر (ن پ ا) خانپورمھر ٿاڻي جي حد پيربري واري علائقي ۾ گولي لڳڻ سبب پيرسن عورت بيناز زال سلطان بوزدار شديد زخمي ٿي پئي، جنھن کي وارث خانپور مھر ٿاڻي تي کڻائي آيا، جتان ميڊيڪل ليٽر ملڻ بعد عورت کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب کيس ڪراچي ريفر ڪيو ويو، واقعي جي اين سي داخل ڪئي وئي، ھوڏانھن عبدالستار بوزدار ٻڌايو ته امڙ کي سندس ڀائيٽي زاھد بوزدار ھٿان ڪلاشنڪوف صاف ڪندي اوچتو گولي ڇٽڻ سبب لڳي آھي، پوليس موجب پيرسن عورت کي سندس پوٽي زاھد بوزدار ھٿان ھٿيار صاف ڪندي گولي لڳي آھي، ايس ايڇ او مطابق بوزدار برادري جي ٻن ڌرين جو پاڻ ۾ جھيڙو به ھلندڙ آھي ۽ زخمي عورت جو ڀاءُ ۽ ٻيا مخالفن مٿان الزام ھڻي رھيا آھن.