وارهه (ن پ ا) وارهه ۾ واٽر سپلاءِ جي فراهمي ڪيترن ئي مهينن کان بند هجڻ سبب شھري پاڻي لپ لاءِ پريشان آهن، شھر جي لطيف ڪالوني ۾ نينگر پاران گندي پاڻي ۾ ٽٽل واٽر سپلاءِ لائين مان ٿانوَ ۾ پاڻي ڀرڻ واري تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آھي، جنهن خلاف شهرين پاران سوشل ميڊيا تي پبلڪ هيلٿ انتظاميا خلاف سخت رد عمل جو اظهار ڪيو پيو وڃي، ان ڏس ۾ شھرين زين علي، ياسين ٻگهيو، مراد چانڊيو، گلشن کٽياڻ ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته ڪروڙين رپين جي لاڳت سان شھر ۾ واٽر سپلاءِ جي منظور ڪيل اسڪيم کي اڌ ۾ ڇڏي ٺيڪيدار ۽ آفيسر ڀڃي ويا آهن، هنن چيو ته شھري مهينن کان پيئڻ جي پاڻي لاء تڙپي رهيا آھن پر واسطيدار عملدار ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهن. هنن گهر ڪئي ته پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي مسئلو حل ڪيو وڃي.