لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان حڪومت سان ڳالهيون جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته بجيٽ بعد اسيمبليون ٽوڙڻ قبول ناهي، 14 مئي تي اسيمبليون ٽوڙيون وڃن ته هڪ ڏينهن تي چونڊن جي حمايت ڪنداسين، ڪالهه زمان پارڪ لاهور ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن دوران حڪومت سان ڳالهيون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپي سوڌو ٻين معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويا، پي ٽي آءِ پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپو حڪومت سان ڳالهين کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏنو، جڏهن ته پي ٽي آءِ سربراهه پاران پهرين مئي تي اسلام آباد، پشاور ۽ لاهور ۾ ريليون ڪڍڻ جو به اعلان ڪيو ويو، عمران خان چيو ته لاهور ۾ ريلي جي قيادت آئون پاڻ ڪندس.ان موقعي تي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته بجيٽ بعد اسيمبليون ٽوڙڻ قبول ناهي، 14 مئي تي اسيمبليون ٽوڙيون وڃن ته هڪ ڏينهن تي چونڊن جي حمايت ڪنداسين، هن چيو ته چونڊن جي اميد ختم ٿي وئي ته پاڪستان جو حال به سريلنڪا جهڙو بدترين ٿي ويندو، عمران خان چيو ته رڳو سُپريم ڪورٽ اسان جي مدد ڪري سگهي ٿي، سُپريم ڪورٽ جي 15 ججز کي چوان ٿو خدا جي واسطي ذاتي جهيڙو ڇڏيو، پاڻ ۾ اتحاد پيدا ڪريو ۽ ملڪ بچائڻ لاءِ آئين سان گڏ بيهو، پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپي جي مذمت ڪندي عمران چيو ته اڳوڻي وزيراعظم کي انصاف نه مليو ته اڳوڻي وڏي وزير کي ڪيئن ملي سگهي ٿو. اجلاس بعد فواد چوڌري ٽوئيٽ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ڳالهين کي سبوتاز ڪرڻ وارين ڪوششن کي رد ڪريون ٿا، فيصلو ڪيو آهي ته سُپريم ڪورٽ جي حڪم کي نظر ۾ رکندي چونڊن جي فريم ورڪ تي حڪومت سان ڳالهيون جاري رکيون وينديون، اڱاري تي حڪومت جي مذاڪراتي ڪاميٽي سان حتمي ايجنڊا تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. هوڏانهن لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پي ڊي ايم ۽ حڪومتي اتحاد ۾ ڏار آهن، ڳالهين کي اڳتي وڌائڻو آهي ته فضل الرحمان ۽ خواجه آصف کي مڃائڻ گهرجي، اسان نيڪ نيتي سان ڳالهين ۾ ويٺا آهيون. هن چيو ته ڳالهيون آئين جي دائري ۾ ٿينديون، سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب 14 مئي تي چونڊون ٿيڻيون آهن، اسان پر اميد آهيون ته مسئلو حل ٿي ويندو، اڱاري تي اڳڀرائي ٿي ته عدالت کي آگاهه ڪنداسين پوءِ جيڪو فيصلو ڪري.