لاهور (م ڊ) پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپي واري معاملي تي ناڻي وزير اسحاق ڊار پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود سان رابطو ڪيو، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسحاق ڊار ٻڌايو ته پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپي وارو ڪم وفاق نه، صوبائي حڪومت ڪيو آهي، هن چيو ته اسحاق ڊار کي پرويز الاهي جي ڪُٽنب سان ملاقات بابت آگاهه ڪيو، اسحاق ڊار ڇاپي کان لاتعلقي ظاهر ڪندي ٻڌايو ته وفاق اهو ڪم نه ڪيو آهي، اسحاق ڊار ڇاپي جي معاملي تي رانا ثناءُ الله سان به ڳالهايو هو، اسحاق ڊار پرويز الاهي جي گهر ۾ ڇاپي تي افسوس جو اظهار ڪيو، شاهه محمود قريشي چيو ته معاملا سڌا ڪرڻ جي ڪوسش ڪري رهيا آهيون، خبر ناهي ڪير بگاڙي رهيو آهي، ڳالهين دوران ڪڏهن زمان پارڪ ته ڪڏهن پرويز الاهي جي گهر تي حملو ڪيو ٿو وڃي، ان جو ذميوار ڪير آهي ڪنهن کي ته ذميواري کڻڻي پوندي.