اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ توشا خانه ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ٿي وئي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ عمران خان خلاف توشا خانه فوجداري ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جو وڪيل سعد حسن ۽ عمران خان جو وڪيل گوهر علي خان عدالت ۾ پيش ٿيا، ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور جي موڪل سبب ٻڌڻي نه ٿي سگهي، عدالت ٻڌڻي 3 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، 27 اپريل تي اڳوڻي وزير اعظم عمران خان خلاف توشا خانه ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ نئين جج کي مقرر ڪيو ويو هو.