حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو ٿيو آهي جتي پٽ ۽ پوٽن وحشياڻو تشدد ڪري پيرسن عورت جا ٻئي هٿ ۽ پير ڀڃي ڇڏيا، لطيف آباد نمبر 5 ۾ ٻه ڏينهن اڳ پٽ ۽ پوٽن جي وحشياڻي تشدد ۾ زخمي ٿيل 70 جي پيرسن عورت گلشن بي بي جي حالت ۾ اڃا تائين سڌارو نه اچي سگهيو آهي. واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج منظر عام تي اچڻ بعد سوشل ميڊيا تي واقعي کي انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو قرار ڏنو پيو وڃي. گڏوگڏ سوشل ميڊيا تي ماڻهو پيرسن امڙ تي پٽن سميت وحشياڻو تشدد ڪندڙ سندس نافرمان پٽ ۽ پوٽن جي گرفتاري جو پڻ مطالبو ڪري رهيا آهن. متاثر پيرسن عورت گلشن بي بي جو چوڻ آهي ته 24 جولاءِ تي سندس ننڍي پٽ فيصل پنهنجي موٽرسائيڪل دروازي وٽ بيهاري جنهن تان سندس پوٽي حسيب ننڍي چاچا کي موٽرسائيڪل هٽائڻ جو چيو جنهن تان سندس والد يعني وڏي پٽ انعام الدين مڇرجي پنهنجي ننڍي ڀاءُ فيصل کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ رڙين تي هو پنهنجي ننڍي پٽ کي پوٽن کان ڇڏائڻ لاءِ پهتي ته انعام الدين، پوٽي حسيب ۽ نويد مٿس وحشياڻو تشدد ڪيو جنهن دوران سندس ٻئي هٿ ۽ پير ڀڄي پيا. هن چيو ته زخمي حالت ۾ ڏسي سندس ننڍي پٽ فيصل اسپتال پهچايو جتان هن ابتدائي طور علاج ڪرايو. ڊاڪٽرن سندس هٿن ۽ پيرن کي جوڙي پٽا ٻڌڻ بعد گهر روانو ڪري ڇڏيو آهي. وڏي ڀاءُ ۽ ڀائٽين جي تشدد جو شڪار نوجوان فيصل ٻڌايو ته ابتدائي طور سندس ڀائٽين حسيب ۽ نويد تشدد ڪيو جن کي روڪڻ بدران سندس وڏي ڀاءُ انعام الدين کيس تشدد جو نشانو بڻايو جنهن تي پيرسن امڙ کين ڇڏائڻ لاءِ پهتي ته وڏي ڀاءُ ۽ ڀائٽين ان کي به وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو. هن چيو ته واقعي جي رپورٽ بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر پوليس 2 ڏينهن گذرڻ باوجود اڃا تائين سندس وڏي ڀاءُ توڙي ڀائٽين خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي. رابطو ڪرڻ تي بي سيڪشن پوليس ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين جو ملڪيت تي ڪافي عرصي کان تڪرار هلندڙ آهي.