پٿورو (ن پ ا) شادي پلي ويجهو ڳوٺ صديق سهتو ۾ گذريل آچر ۽ سومر جي وچ واري رات گهريلو اڻبڻت تان اڍائي مهينن جي ٿڃ پياڪ معصوم ٻار جي ماءُ 23 سالن جي شريمتي ڀوري زال هيمراج ڪولهي گهر ۾ پيل زرعي جيت مار دوا پي ڇڏي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پٿورو اسپتال نيو ويو، پر زهر جو اثر وڌي وڃڻ ڪري هو اسپتال پهچندي ئي فوت ٿي وئي. پٿورو اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻي ڊيوٽي تي موجود نه هجڻ ڪري لاش ڪيترائي ڪلاڪ اسپتال جي مرده خاني ۾ پيل رهيو، اسپتال انتظاميا موجب ليڊي ڊاڪٽرياڻي عدالتي ڪم جي سلسلي ۾ ڪورٽ جي پيشي تي ويل ھئي، مسلسل انتظار بعد نيٺ واقعي جي 18 ڪلاڪن بعد فوتي عورت جي لاش جو سول اسپتال عمرڪوٽ مان پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، جڏھن ته وارثن موجب پٿورو اسپتال انتظاميا ايمبولينس بيٺل هجڻ باوجود خراب هجڻ جو جواز ڄاڻائي ايمبولينس ڏيڻ کان پڻ انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري فوتي عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ خانگي ڊاٽسن ۾ وجهي عمرڪوٽ اسپتال نيو ويو. پوسٽ مارٽم بعد لاش مڙس واري ڌر بدران ماءُ پيءُ حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش ڳوٺ کڻائي ويا. هوڏانهن عورت جي مبينا خودڪشي واري معاملي تان فوتي عورت جي وارثن ۽ مڙس واري ڌر وچ ۾ ڪافي ڇڪتاڻ پڻ ٿي، فوتي عورت جي ماءُ پيءُ ٻڌايو ته اڍائي سال اڳ نياڻي جي شادي ڪرائي نياڻي اسان سان ڪيترائي دفعا شڪايت ڪئي ته ساهرا کيس مارڪٽ ڪندا آهن، هنن چيو ته ڪجهه وقت پهرين مڙس واري ڌر نياڻي کي مارڪٽ ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو هو. ٻئي طرف فوتي عورت جي مڙس هيمراج ڪولهي ٻڌايو ته منهنجي گهر واري کي شڪ هو ته منهنجا ٻين غير عورتن سان لاڳاپا آھن، اهڙي شڪ سبب هن جيت مار دوا پي آپگهات ڪيو.