خيرپورناٿن شاه ( ن پ ا ) خيرپورناٿن شاھ ڀرسان ڳوٺ حسيناڻي گاڏهي ۾ سارين جو رونبو ڪرڻ جو مقابلو  گلبهار گاڏهي ۽ ٽلو گاڏهي ۾ ٿيو ، پورهيت نوجوان 28 ورهين جو گلبهار تيزي سان رونبو ڪري پنهنجو مليل حدف پورو ڪري مقابلو کٽي ورتو ، گلبهار گاڏهي مليل ٽائيم کان اڳ رونبو ڪڍي ڪامياب ٿي ويو، ڪامياب ٿيل نوجوان گلبهار گاڏهي جي سخت گرمي ۽ ٻوسٽ سبب گهر پهچڻ تي حالت خراب ٿي وئي سندس گهر ڀاتين بوتلون پياريون ته ويتر نوجوان جي حالت خراب ٿي وئي نوجوان بيهوش ٿي ڪري پيو ،پورهيت نوجوان  گلبهار کي بيهوشي واري حالت ۾ وارث تعلقا اسپتال خيرپورناٿن شاھ کڻائي پهتا جتي ڊاڪٽر نوجوان کي طبي امداد ڏني وڌيڪ علاج لاء سيوهڻ اسپتال رفر ڪيو جتي نوجوان گلبهار گاڏهي جي حالت خراب ٿي وئي وات ۽ ناسن مان رت وهڻ شروع ٿي ويو ڊاڪٽر نوجوان جي حالت انتهائي نازڪ ٿي وڃڻ تي کيس ڪراچي رفر ڪيو نوجوان گلبهار ولد ميرل گاڏھي ڄامشورو پهچڻ تي فوت ٿي ويو ، فوتي نوجوان جو لاش ڄامشورو کان ڳوٺ حسيناڻي گاڏھي آندو ويو فوتي نوجوان جي گهر ۾ قهرام مچي ويو، سڄي ڳوٺ ۾ سوڳ ڇائيجي ويو.